سجاول ( ن سنڌيار) گورنمينٽ بوائز ھاءِ اسڪول سجاول ۾ برساتي پاڻي نيڪال نہ ٿيڻ سبب شاگرد تعليم پرائڻ کان متاثر ، ٽن مهينن جون سرڪاري موڪلون ختم ٿيڻ بعد پهرين اگسٽ کان سڄي سنڌ جي اسڪولن ۾ پڙهائي جو سلسلو شروع ٿي ويو پر سجاول شھر جي مين گورنمينٽ بوائز هاءِ اسڪول سجاول ۾ ضلع انتظاميه جي نااهلي جي ڪري برساتي پاڻي نيڪال نه ٿي سگهيو آھي. حاليه برساتن جو ۽ شھر جي گهٽر نالن جو گندو پاڻي هاءِ اسڪول ۾ داخل ٿيڻ ڪري گرائونڊ اڳيان 3 کان 4 فٽ پاڻي جمع ٿي ويو جيڪو تلاءُ جو ڏيک ڏئي رهيو آھي. پاڻي بيهڻ جي ڪري استاد شاگردن کي اسيمبلي به نٿا ڪرائي سگهن ۽ شاگرد راند روند کان به محروم آھن. ٻي پاسي اسڪول جي بنياد کي به نقصان ٿيڻ جو انديشو آھي. گورنمينٽ بوائز ھاءِ اسڪول سجاول ۾ تقريبن 2000 کان به مٿي شاگر تعليم پرائين ٿا. اسڪول جي مين گيٽ سميت آس پاس جو بدبودار پاڻي هجڻ ڪري استاد ۽ شاگرد اچ وڃ ۾ پريشان آھن پر لاڳاپيل انتظاميا اڃا تائين ڪي به جوڳا قدم نه کنيا آھن. استادن ۽ شاگردن ضلع انتظاميه کي اپيل ڪئي آھي ته اسڪول ۾ ترت پاڻي نيڪال ڪرائي اسان کي سهولت مهيا ڪري ڏني وڃي.










