اسڪول جا چاپڙ ڪرڻ معمول بڻيل، شاگردن جون زندگيون خطري ۾

اسڪول جا چاپڙ ڪرڻ معمول بڻيل، شاگردن جون زندگيون خطري ۾

ٽنڊومحمدخان (لال بخش سٺيو) يو سي سيد پورلڳ  ڳوٺ حافظ آباد جي گورنمينٽ پرائمري اسڪول جي بلڊينگ جي حالت خراب ٿي وئي آهي جنهن مان هر وقت چاپڙ ڪرندا رهن ٿا معصوم شاگردن جون زندگيون هر وقت خطري ۾ رهن ٿيون. تعليم کاتي جي اعليٰ آفيسرن  کي توجھ ڇڪائڻ جي باوجود به هن اهم مسئلي طرف ڌيان نه ڏنو ويو آهي جڏهن ته تڪ جي ايم پي اي خود اسڪول جي صورتحال ڏسي ويو آهي جنهن يقين ڏياريو ته جلد اسڪول جي مرمت ڪرايون ٿا جنهن کي ٽي سال گذري ويا آهن مگر اڃان تائين واعدو وفا نه ڪيو آهي  مذڪوره اسڪول  ۾ ڪنهن به وقت جاني نقصان ٿي سگهي ٿو. هيڊ ماستر شاهد ميمڻ ٻڌايو ته  اسان جي جان ه روقت جوکي ۾ رهي ٿي. هتان جي ڳوٺاڻن گدا مڱرئي، طفيل مڱرئي اعليٰ اختيارين جو توجھ هن طرف ڇڪائيندي مطالبو ڪيو آهي ته جلد اسڪول جي مرمت ڪرائي معصوم شاگردن جو زندگيون بچايون وڃن.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو