فيض گنج(وسيم سولنگي) سخت گرمي باوجود لوڊ شيڊنگ خلاف فيض گنج ۾ سياسي ۽ سماجي تنظيمن پاران احتجاجي مظاهري ڪيو ويو. مظاهري کي خطاب ڪندي شمس الدين شر اقبال مڱڻهار ڪامريڊ مرتصي شر ۽ ٻين ان موقعي تي ڳالهائيندي چيوته عوام ته پريشان آهي پر معصوم ٻارن تي رحم ڪريو جيڪ ساهه گهٽيندڙ گرمي سبب اسڪولن ۾ بي هوش ٿي رهيا آهن. هنن چيو ته سنڌ جي اسڪولن ۾ سولر پليٽون ۽ پکا لڳايا وڃن. هنن چيوته ڪروڙرپيا بجيٽ هجڻ باوجود اسڪولن ۾ پئيڻ جو صاف مٺو پاڻي واش روم سميت اسڪولن کي عمارتون نه آهن اسڪولن ۾ ڪمرا گهٽ آهن شاگرد توڙي شاگردياڻيون وڌيڪ آهن گنجائش کان وڌيڪ ٻارن ڪمرن ۾ هجن ٿا جنهن ڪري گرمي لڳڻ سبب شاگرد بيهو ش ٿي رهيا آهن هنن گهر ڪئي ته فيض گنج سميت سموري سنڌ جي اسڪولن ۾ سولر پليٽون ۽گهربل سهولتون فراهم ڪيون وڃن.










