ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)سنڌ جي تعليم کاتي اڄ ڪراچي جي اسڪولن جي موڪل رد ڪري ڇڏي آهي.تعليم کاتي جي ترجمان چيو آهي ته اسڪول بند ڪرڻ جو ڪو به فيصلو ناهي ڪيو ويو. ترجمان چيو اسڪول معمول موجب کليل رهندا، ٻئي طرف ڪراچي ۾ خالد رضا جي قتل خلاف پرائيويٽ اسڪولن جي فيڊريشن اڄ اسڪول بند رکڻ جو اعلان ڪيو آهي.آل پرائيويٽ اسڪول مئنيجمينٽ ايسوسي ايشن سنڌ جو چوڻ آهي ته اڄ سمورا خانگي اسڪول کليل رهندا.










