ڪراچي (نمائندن وٽان) سنڌ ۾ اسڪولن جي تالابندي خلاف ٻئي ڏينهن به سنڌ جي ڪيترن ئي شهرن ۾ استادن ۽ شاگردن جي احتجاج جو سلسلو جاري رهيو. مظاهرين بينر ۽ پلي ڪارڊ کڻي اسڪولن ۾ تالابندي نامنظور، شاگردن جي مستقبل جي تباهي نامنظور جا نعرا هنيا.

***ڪنڌ ڪوٽ ۾ شھرين اسڪولي شاگردن پ ٽ الف ۽ مختلف سياسي ڪارڪنن پاران ھٿن ۾ پلي ڪارڊ کڻي غلام مصطفي ميراڻي . حافظ نصر الله چنا ظريت بجاراڻي . ابراھيم خاڪي . صدرالدين مرھٽو .اڪرم باجڪاڻي .مير فائق علي جکراڻي ـ بشير احمد ميراڻي. عبدالقادر عارباڻي جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو.

***بدين ضلعي جي مختلف شھرن گولاڙچي پنگريو تلهار ماتلي ڪڙيوگهنور ۾ سنڌ حڪومت جي طرفان اسڪولن جي بندش خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري ريلي ڪڍي وئي. ضلعي صدر پروفيسر عبدالحفيظ احمداني حسام نظاماڻي گيانچند مهشوري فياض ۽ حيدربابا ناصر انجم ۽ ٻين چيو تہ اسڪولن جي بلاجواز بندش اسانجي ٻچن جو مستقبل تباھ ڪيو پيو وڃي.













