اسپين بمقابله ارجنٽينا، ٻنهي جي طاقت ۽ ڪمزورين جو جائزو

اسپين بمقابله ارجنٽينا، ٻنهي جي طاقت ۽ ڪمزورين جو جائزو

ڪراچي(ايڊيٽر ڊيسڪ) 48ٽيمن تي ٻڌل فيفا ورلڊ ڪپ 2026 هاڻي پنهنجي آخري مرحلي ۾ داخل ٿي چڪو آهي، جتي رڳو هڪ فائنل ميچ باقي بچي آهي. جيڪا آچر تي پاڪستاني وقت موجب رات 12 هين وڳي دنيا جي نمبر ون ٽيم اسپين ۽ ٽئين نمبر واري ارجنٽينا ۾ کيڏي ويندي.
اهو چوڻ ڏکيو آهي ته يورپي چيمپيئن ۽ فيفا جي عالمي نمبر ون ٽيم جو ڏکڻ آمريڪي چيمپيئن ۽ موجوده ورلڊ چيمپيئن ارجنٽينا سان مقابلو، فائنل لاءِ موزون نه هجي.
ٽورنامينٽ دوران فرانس کي سڀ کان مضبوط فيورٽ قرار ڏنو پئي ويو، جڏهن ته انگلينڊ بابت خيال هو ته 60 سال اڳ پنهنجي واحد عالمي لقب کان پوءِ هن ڀيري وٽن بهترين موقعو آهي.
تنهن هوندي به، ٻنهي فائنلسٽن بابت گهڻيون دلچسپ ڳالهيون موجود آهن، ۽ اسين انهن جو تفصيلي جائزو پيش ڪيو آهي.
ارجنٽينا، موجوده ورلڊ چيمپيئن ۽ ڏکڻ آمريڪي چيمپيئن
ورلڊ ڪپ ۾ اڳوڻيون شرڪتون: 18
بهترين ڪارڪردگي: عالمي چيمپيئن (1978، 1986، 2022
پهريون ڀيرو شرڪت: 1930 (يوراگوئي
ورلڊ ڪپ مجموعي رڪارڊ: 94 ميچون، 53 ڪاميابيون، 17 برابر، 24 شڪستون، 171 گول، 103 گول خلاف
فيفا عالمي رينڪنگ: ٽئين نمبر تي
ارجنٽينا جي ٽيم جو جائزو
جيڪڏهن قطر ۾ 2022 جي ورلڊ ڪپ مهم سعودي عرب هٿان حيران ڪندڙ شڪست سان شروع ٿي هئي، ته 2026 واري مهم ان جي ڀيٽ ۾ ڪافي بهتر نموني شروع ٿي.
پر حقيقت اها آهي ته هي ارجنٽينا جي بهترين نسلن مان هڪ نه سمجهي وڃي ٿي، خاص طور تي جڏهن 39 ورهين جو ليونل ميسي اڃا تائين ٽيم جو مرڪزي ڪردار آهي. تنهن هوندي به، ارجنٽينا جي عالمي لقب جي دفاع جي اميدن جو سڀ کان وڏو سبب به ميسي ئي آهي.
1958 ۽ 1962 ۾ برازيل لڳاتار ٻه ورلڊ ڪپ کٽڻ واري آخري ٽيم هئي، جڏهن ته اٽلي به پنهنجو عالمي لقب برقرار رکڻ ۾ ڪامياب رهي هئي. هاڻي ارجنٽينا به انهن ٿورين ٽيمُن جي فهرست ۾ شامل ٿيڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي.
ارجنٽينا جي سڀ کان وڏي طاقت ليونل ميسي آهي، جنهن جو مقابلو هن ٽورنامينٽ ۾ ڪنهن وٽ به نظر نٿو اچي. انٽر ميامي جو هي اسٽار هن وقت اٺن گولن سان گولڊن بوٽ کٽڻ جي مضبوط پوزيشن ۾ آهي.
دفاعي لائين جي سامهون اينزو فرنانديز، اليڪسس ميڪ ايلسٽر ۽ ليئنڊرو پاريڊيس تي ٻڌل مڊفيلڊ ٽرائيو سڄي ٽورنامينٽ ۾ مضبوط محافظن طور سامهون آيو آهي. انهن نه رڳو دفاع کي مضبوط رکيو، پر ميسي جي به اهڙي حفاظت ڪئي، ڄڻ هو ارجنٽينا جي ڏند ڪٿائي رانديگر جا ذاتي باڊي گارڊ هجن.
ارجنٽينا جي سڀ کان وڏي ڪمزوري به ميسي تي حد کان وڌيڪ انحصار آهي. جيڪڏهن ميسي زخمي ٿي وڃي، ته ٽيم جون عالمي لقب بچائڻ جون اميدون گهڻو متاثر ٿي سگهن ٿيون.
جيوليانو سيميوني ۽ جولين الواريز وٽ رفتار ۽ مهارت موجود آهي، لائوٽارو مارٽينيز گول ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿو، جڏهن ته دفاع ۽ دفاعي مڊفيلڊ ۾ به طاقت جي کوٽ ناهي، پر سوال اهو آهي ته ميسي کان سواءِ ڇا ٽيم وٽ اهو خاص جادو موجود آهي؟ شايد نه. ورلڊ ڪپ 2026 ۾ شايد ئي ڪا ٻي ٽيم ڪنهن هڪ رانديگر تي ايترو ڀاڙي رهي هجي جيترو ارجنٽينا.
ارجنٽينا پنهنجي آخري شڪست فيفا ورلڊ ڪپ ڪواليفائنگ ميچ ۾ ايڪواڊور خلاف 1-0 تان کاڌي هئي. ان کان پوءِ ڏکڻ آمريڪي چيمپيئن لڳاتار 14 ميچون کٽي شاندار فتحن جو سلسلو جاري رکيو.
ورلڊ ڪپ جي گروپ مرحلي ۾ ارجنٽينا اٺ گول ڪري سڀئي ميچون کٽيون، جڏهن ته رڳو هڪ گول کاڌو، اهو به اردن خلاف آخري گروپ ميچ ۾، جڏهن هو اڳ ئي رائونڊ آف 32 لاءِ ڪواليفاءِ ڪري چڪا هئا.
جڏهن ته ناڪ آئوٽ مرحلو ارجنٽينا لاءِ وڌيڪ ڏکيو ثابت ٿيو. رائونڊ آف 32 ۾ ڪيپ ورڊي کي 3-2 تان شڪست ڏني وئي، جڏهن ته پري ڪوارٽر فائنل ۾ مصر کي به ساڳئي 3-2 جي اسڪور سان هارايو ويو.
ڪوارٽر فائنل ۾ سوئٽزرلينڊ خلاف 3-1 جي فتح سان سيمي فائنل تائين رسائي حاصل ڪئي، پر اها ميچ به، ڪيپ ورڊي خلاف مقابلي وانگر، اضافي وقت تائين هلي.
سيمي فائنل ۾ انگلينڊ خلاف 2-1 جي فتح ارجنٽينا جي ٽورنامينٽ جي ٻي وڏي واپسي ثابت ٿي. ان کان اڳ مصر خلاف به ٽيم آخري 11 منٽن ۾ ٻه گولن جي خساري مان نڪري ڪاميابي ماڻي هئي.
نظر رکڻ جهڙا رانديگر
انگلينڊ خلاف سيمي فائنل ۾ ارجنٽينا صرف پنهنجا سڀ وسيلا ئي استعمال نه ڪيا، پر بينچ تي ويٺل تقريباً سڀئي اهم حملي آور رانديگر به ميدان ۾ لاٿا.
لائوٽارو مارٽينيز سان گڏ ڪوچ ليونيل اسڪالوني روڊريگو ڊي پال ۽ نڪولس گونزالس کي به کيڏايو. جيتوڻيڪ ليونل ميسي جو ڪو متبادل موجود ناهي، پر جيڪڏهن ارجنٽينا کي هڪ ڀيرو ٻيهر عالمي چيمپيئن بڻجڻو آهي ته ميسي سان گڏ پوري اسڪواڊ جي صلاحيتن مان فائدو وٺڻو پوندو.
ٻئي پاسي دفاع جي مرڪز ۾ ليساندرو مارٽينيز اڃا تائين ٽيم جو سڀ کان اهم محافظ سمجهيو وڃي ٿو.
اسپين، يورپي چيمپيئن ۽ دنيا جي نمبر ون ٽيم
ورلڊ ڪپ ۾ اڳوڻيون شرڪتون: 17
بهترين ڪارڪردگي: عالمي چيمپيئن (2010)
ورلڊ ڪپ مجموعي رڪارڊ: 74 ميچون، 37 ڪاميابيون، 18 برابر، 19 شڪستون، 121 گول، 76 گول خلاف
فيفا عالمي رينڪنگ: پهريون نمبر
ٽيم جو مجموعي جائزو
گذريل ٻن ورلڊ ڪپن ۾ ڪوارٽر فائنل تائين به نه پهچندڙ اسپين شاندار واپسي ڪندي هاڻي ٻيو ڀيرو هڪ ئي وقت يورپي ۽ عالمي چيمپيئن بڻجڻ جي ويجهو پهچي وئي آهي.
اسپين پنهنجي تاريخ ۾ واحد عالمي لقب 2010ع ۾ کٽيو هو، جيڪو ان جي پهرين يورپي چيمپيئن شپ کان ٻه سال پوءِ حاصل ٿيو.
ٽورنامينٽ ۾ داخلا وقت فيفا جي عالمي نمبر ون رينڪنگ جو وڏو سبب يورو 2024 ۾ حاصل ڪيل شاندار ڪاميابي هئي.
لامين يامال ۽ نيڪو وليمز، جيڪي هاڻي ترتيبوار 19 ۽ 24 ورهين جا آهن، يورو 2024 ۾ اسپين جي ڪاميابي جا اڀرندڙ ستارا هئا، پر ورلڊ ڪپ ۾ اڃا تائين ٻنهي پنهنجي حقيقي صلاحيت مطابق ڪارڪردگي نه ڏيکاري آهي.
ٽورنامينٽ کان اڳ يامال جي فٽنيس بابت خدشا هئا، ڇاڪاڻ ته هو هيم اسٽرنگ جي زخمي ٿيڻ سبب اسپينش ليگ جي آخري مرحلي کان ٻاهر رهيو هو، جڏهن ته وليمز اتر آمريڪا ۾ ٿيندڙ ورلڊ ڪپ دوران اڪثر متبادل رانديگر طور محدود وقت لاءِ ئي ميدان ۾ آيو آهي.
جيئن ارجنٽينا جي دفاع جي ساراهه ڪئي پئي وڃي، تيئن اسپين به هن ٽورنامينٽ ۾ هينئر تائين صرف هڪ ئي گول کاڌو آهي. ڪلب هجي يا قومي ٽيم، اسپين جي منظم راند هميشه سندس سڀ کان وڏي سڃاڻپ رهي آهي.
تيز رفتار مختصر پاسن واري مشهور “ٽڪي ٽاڪا” انداز جي شروعات بارسلونا ۾ پيپ گوارڊيولا جي دور ۾ ٿي، جڏهن دلچسپ ڳالهه اها هئي ته ليونل ميسي ئي ان ٽيم جو اهم ترين حملي آور هو ۽ بارسلونا جي ڪاميابين جو وڏو سبب پڻ.
اسپين فائنل ۾ به پنهنجي بال تي ڪنٽرول ۽ مختصر پاسن تي ٻڌل راند ذريعي مقابلي تي حاوي ٿيڻ جي ڪوشش ڪندو، جتي مڊفيلڊ ۾ روڊري ۽ فابين روئز اهم ڪردار ادا ڪندا.
زندگي جي ٻين معاملن وانگر، ڪڏهن ڪڏهن طاقت به ڪمزوري بڻجي ويندي آهي. هن ورلڊ ڪپ ۾ اسپين بابت سڀ کان وڌيڪ سوال سندس نسبتاً سست رفتار راند تي اٿيا آهن.
مختصر پاسن وارو انداز اڃا به موجود آهي، پر هن ڀيري اهو اڳ وانگر تيز ۽ اثرائتو نظر نه آيو آهي، خاص طور تي انهن ٽيمن خلاف جيڪي گهڻي تعداد ۾ رانديگر دفاع ۾ بيهارين ٿيون. ارجنٽينا به غالباً اهڙي ئي حڪمت عملي اختيار ڪندو.
هينئر تائين ڪيپ ورڊي، يوراگوئي، پرتگال ۽ بيلجيم سڀني اسپين لاءِ راند کي انتهائي ڏکيو بڻايو. غيرجانبدار شائقين جي خواهش هوندي ته اسپين جلد گول ڪري، جيئن ارجنٽينا کي به دفاع ڇڏي اڳتي اچڻو پوي ۽ مقابلو وڌيڪ دلچسپ بڻجي.
اسپين جي ٽورنامينٽ جي شروعات ڪيپ ورڊي خلاف ميچ سان ٿي، جتي آفريقي نئين ٽيم 0-0 جي برابري حاصل ڪري ورلڊ ڪپ جي گروپ مرحلي جو هڪ وڏو اپ سيٽ ڪيو.
ان کان پوءِ اسپين سعودي عرب کي 4-0 تان شڪست ڏئي اهم فتح حاصل ڪئي، جڏهن ته يوراگوئي خلاف 1-0 جي سوڀ سان گروپ جي فاتح طور ناڪ آئوٽ مرحلي ۾ پهتو.
رائونڊ آف 32 ۾ آسٽريا کي 3-0 تان آساني سان شڪست ڏني وئي، پر ان کان پوءِ پرتگال ۽ بيلجيم خلاف سخت مقابلا پيش آيا. ٻنهي ميچن ۾ اسپين رڳو هڪ گول جي فرق سان ڪاميابي حاصل ڪئي، پر آخرڪار فتح سندس حصي ۾ آئي.
هن ورلڊ ڪپ ۾ ٽرافي کٽڻ جي خواهشمند هر ٽيم لاءِ سڀ کان وڏو امتحان فرانس خلاف ميچ هئي، ۽ اسپين ان امتحان مان به شاندار نموني ڪامياب ٿي نڪتو.
اسپين گذريل 37 ميچن کان ناقابلِ شڪست آهي. سندس آخري شڪست مارچ 2024 ۾ ڪولمبيا خلاف هڪ دوستاڻِي ميچ ۾ 1-0 تان ٿي هئي.
جڏهن ته ڪنهن به مقابلي واري ميچ ۾ اسپين کي آخري ڀيرو مارچ 2023 ۾ يورو 2024 جي ڪواليفائنگ مرحلي دوران اسڪاٽلينڊ هٿان شڪست ملي هئي.
نظر رکڻ جهڙا رانديگر
لامين يامال هن ورلڊ ڪپ ۾ هينئر تائين رڳو هڪ ئي گول ڪيو آهي، جيڪو سعودي عرب خلاف وڏي فتح دوران آيو هو، جڏهن ته اسپين جو ٻيو نوجوان اسٽار نيڪو وليمز اڃا تائين پنهنجو پهريون گول ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو آهي.
اهو محسوس ٿئي ٿو ته فائنل ۾ انهن ٻنهي مان ڪنهن هڪ کي ضرور ڪا غيرمعمولي ڪارڪردگي ڏيکارڻي پوندي، ڀلي اها راند جي آخري لمحن ۾ ڇو نه هجي، بلڪل ائين جيئن ليونل ميسي اڳ ۾ هن ٽورنامينٽ دوران ارجنٽينا کي ٻه ڀيرا آخري لمحن ۾ بچائي چڪو آهي.
فائنل جو هڪ وڏو سوال اهو به آهي ته ميدان ۾ موجود عالمي سپر اسٽارن مان ڪير پنهنجي صلاحيتن جو مڪمل مظاهرو ڪندي ميچ تي پنهنجو اڻمٽ نقش ڇڏيندو.
اهو تصور ڪرڻ ڏکيو آهي ته هي ٽورنامينٽ لامين يامال جي ڪنهن يادگار لمحي کان سواءِ ختم ٿي ويندو. بارسلونا جي هن نوجوان ونگر هن سيزن ۾ پنهنجي ڪلب کي لڳاتار ٻيو لا ليگا ٽائيٽل کٽائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو، جنهن کان پوءِ کيس لا ليگا جو بهترين رانديگر (Player of the Season) پڻ قرار ڏنو ويو.
ٻنهي ٽيمن لاءِ جيڪڏهن ضرورت پئي ته هو 1-0 جي معمولي فتح تي به مڪمل طور مطمئن هونديون، ڇاڪاڻ ته فائنل ۾ نتيجو ئي سڀ ڪجهه هوندو آهي.
پر دنيا جي ڪروڙين فٽبال شائقين جي خواهش اها هوندي ته هي مقابلو رڳو هڪ محتاط ۽ سست رفتار ميچ نه هجي، پر اهڙو يادگار فائنل ثابت ٿئي، جيڪو ورلڊ ڪپ جي تاريخ ۾ هميشه لاءِ لکجي وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو