اسپيس ايڪس خلا مان زمين تي واپس، جديد تحقيق ۾ پيش رفت

ڪيليفورنيا(ويب ڊيسڪ) خلائي تحقيق جي اداري ناسا جي خلا ۾ موڪليل اسپيس ايڪس ڊريگون ڪيپسول پئسفڪ سمنڊ ۾ لينڊ ڪري ويو آهي. جنهن ۾ خلائي اسٽيشن کان 3800 پائونڊ يعني 1723.651 ڪلوگرام ڪارگو به کڻي آيو آهي. جنهن ۾ 40 ڪوئا به شامل آهن. انهن 40 ڪوئن مان 8 ڪوئا اهڙا آهن جن کي سائنسدانن جينياتي طور سندن جسمن ۾ تبديلي آڻي انهن جا پٺا مسڪيولر طاقت ور ڪيا هئا، پروٽين گهٽايون هيون سندن مٿو ٻيڻ تي ٿلهو ڪري پوءِ موڪليو هو. سائنسدانن جو چوڻ آهي ته عام رواجي ۽ جنياتي تبديلين وارن ڪوئن تي هاڻي تحقيق ٿيندي ته خلا ۾ ايترو عرصو رهن بعد هنن جي جسمن ۾ ڪهڙيون تبديليون واقع ٿيون آهن. ان سان اهو اندازو ٿيندو ته خلا ۾ ويندڙ انسانن کي ڪيئن صحتمند رکي سگهجي ٿو. تحقيق مان اهو به پتو پوندو ته مائيڪرو گريوٽي  يعني خلا ۾ بي وزني سبب انسان جي جسم خاص ڪري دماغ ۽ هڏن تي ڪهڙا اثر پون ٿا. ناسا پاران جاري ڪيل بيان ۾ محقق سي جن لي جو چوڻ آهي ته خلا مان واپس آيل ڪوئن تي تحقيق مان ايڊز، اي ايل ايس، ڪينسر ۽ ٻين بيمارين سبب طاقت وڃائي ڪمزوري سبب بستري ڀيڙو ٿيندڙ ماڻهن جي علاج ۾ به مدد ملي سگهندي.

پهنجو تبصرو موڪليو