اسپتال ۾ عملي جي کوٽ خلاف احتجاج

دادو(ادل مهيسر)شهري ويلفيئر ايڪشن ڪاميٽي دادو پاران سول اسپتال تجربيڪار  ڊاڪٽرن، دل جي وارڊ، ڊائلاسز، گائني وارڊ، ٻارڙن جي وارڊ ،ڪن ۽ گلي جي وارڊ ۽ ايمر جنسي وارڊ،سرجيڪل وارڊ ۽ ٻين وارڊن ۾ اسٽاف جي کوٽ ۽ غريب مريضن کي دوائون نه ملڻ ڪري ۽ اسپتال ۾ ڪرپشن  خلاف شھری اڳواڻن جاويد اختر گهلو،ڊاڪٽر عبدالجبار ٻٻر،شيراز لغاري،دوست علي زئونر،وريام سنڌي ۽ ٻين جو نيشنل پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري علامتي بک هڙتال تي ويهي رهيا اڳواڻن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سول اسپتال دادو مان ڊاڪٽرن جي ويزا ختم ڪري اسپتال مان ڊاڪٽرن جي کوٽ کي پورو ڪيو وڃي سول اسپتال دادو ۾ ڪتي ۽ ناگ جي چڪ جي ويڪسين،غريب ماڻهن کي ايمبولينس جي مفت سهولت،ڊائلاسز سينٽر ۾ سهولتون فراهم ڪيو وڃي هنن وڌيڪ چيو ته اسپتال ۾ ڊي سي دادو جي نگراني ۾ ميگا ڪرپشن ڪئي پئي وڃي ڊي سي دادو راجا شاه زمان کهڙو کي هٽايو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وسيع ڪيو ويندو هنن سپريم ڪورٽ پاڪستان ۽ ڊي جي نيب کان مطالبو ڪيو ته اسپتال ۾ شهرين کي سهولتون فراهم ڪري ڪروڙين روپين جي ڪيل ڪرپشن جو نوٽيس وٺي ڪرپٽ آفيسرن خلاف ڪاروائي ڪري عوام مان بيچيني ختم ڪئي وڃي

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو