اسپتال ۽ ويلفيئر آفيس تي اينٽي ڪرپشن جا ڇاپا، رڪارڊ هٿ

گھوٽڪي (سليم ڪلهوڙو) اينٽي ڪرپشن پوليس سوشل ويلفيئر آفيس ۽ تعلقا اسپتال تي ڇاپا هڻي اهم رڪارڊ قبضي ۾ وٺي ڇڏيو آهي.  تعلقا اسپتال ۾ ڪتي ۽ نانگ جي چڪ واري وئيڪسين نه ملڻ ۽ سوشل وئلفيئر آفيس ۾ مبينا لکين  رپين جي ڪرپشن جون شڪايتون سامهون اچڻ بعد ڪاروائي ڪري رڪارڊ ضبط ڪيو ويو. اينٽي ڪرپشن پوليس پاران ڊپٽي ڊائريڪٽر سکر منير احمد کھڙو ۽ سرڪل آفيسر گھوٽڪي عبدالقادر دراني جي اڳواڻي ۾ سوشل ويلفئير آفيس گھوٽڪي ۽ تعلقا اسپتال گھوٽڪي  تي ڇاپا ھنيا ويا.  

ڇاپن دوران آفيس جي ملازمن ۾ ٿرٿلو مچي ويو ۽ ڪيترائي ملازم کسڪي ويا. ان موقعي تي اينٽي ڪرپشن جي ڊپٽي ڊاريڪٽر  منير احمد کھڙو  ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته سوسشل وئيلفيئر کاتي جي ڊپٽي ڊاريڪٽر خير محمد ڪلوڙ 2019 دوران  60لک جي ڪرپشن ڪئي آھي خير محمد ڪلوڙ مستحق عورتن لاءِ آيل رقم ڪنھن به عورت کي ناھي ڏني، ھن   غريب ۽ مسڪين عورتن جي ڀلائي لاءِ آيل 60 لک رپين جا ڪوڙا بل ٺاھي ھڙپ ڪري ويو آھي. هن وڌيڪ ٻڌايو ته سوشل ويلفيئر کاتي جي آفيسر خير محمد ڪلوڙ جي ڪرپشن جو 2019 جو ڪجھه  رڪارڊ  سندس آفيس مان ھٿ آيو آھي باقي رڪارڊ جي معلومات ملي آھي ته سندس وٽ موجود آھي پر ڇاپي دوران ھو آفيس ۾ موجود نه ھو .ھن چيو ته انھي کان اڳ عوامي شڪايتن تي  تعلقا اسپتال تي سرپرائيز وزٽ ڪيو آھي  ڇتي ڪتي جي چڪ ۽ نانگ جي ڏنگ جي وئيڪسين مريضن کي نه ملڻ بابت رڪارڊ چيڪ ڪيو آھي  جتي موجود ماڻھن به وئيڪسين نه ملڻ جون شڪايتون ڪيون. ان موقعي تي اسپتال جي ايم ايس سيد فقير حسين شاھ  ڪتي جي ڏاڙھيل مريضن  کي وئڪسين پڻ لڳرايون.

پهنجو تبصرو موڪليو