اسپتال جون دعوائون ڌوڙ،ويڪسين اڻلڀ، احتجاج

خانپورمهر(رپورٽ آفتاب سيال)خانپورمهر جي شيخ همدان بن محمد اسپتال جي ايم ايس جون سڀئي دعوائون ڌوڙ ٿي ويون اسپتال اندر ڇتي ڪتي جي ڏاڙهيل نينگري کي ويڪسين ڏيڻ کان انڪار، نينگري جي وارثن جو احتجاجي مظاهرو ڳوٺ حضور بخش ملڪ جي رهواسڻ 4 سالن جي نينگري صفيه ڌيءَ  عبدالغفور ملڪ کي  ڇتو ڪتو ڏاڙهي ويو ته وارث کيس فوري طور تي خانپورمهر جي شيخ همدان بن محمد سرڪاري اسپتال کڻائي آيا جتي اسپتال جي انتظاميه نينگري جي وارثن کي ويڪسين ڏيڻ کان جواب ڏيندي نينگري کي سڀاڻي کڻي اچڻ جو چيو وارثن پاران اسپتال انتظاميه کان پڇاڻو ڪيو ته اوهان جو ايم ايس دعوا ڪري ٿو ته اسپتال ۾ ڪتي جي ويڪسين آهي پر اوهان ڏيڻ کان انڪاري ڪريو ٿا ۽ اسان جي معصوم ٻچڙي جي زندگي خطري ۾ آهي پر اسپتال انتظاميه متاثرن جي هڪ به نه ٻڌي . نينگري جي وارثن اسپتال ٻاهران احتجاجي مظاهرو ڪيو ۽ اسپتال انتظاميه خلاف نعريبازي ڪئي ان موقعي تي مظاهرين جو چوڻ هيو ته اسپتال ۾ ڪجه به نه آهي اسين غريب مريض کڻي آخر ڪيڏانهن وڃون.. هنن مطالبو ته اسپتال اندر ويڪسين مهيا ڪري کي اسان جي نياڻي جي جان بچاي وڃي

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو