اسپتال انتظاميه جي نااهلي ڊاڪٽر موڪلن تي ٻوڏ متاثر دربدر

اسپتال انتظاميه جي نااهلي ڊاڪٽر موڪلن تي ٻوڏ متاثر دربدر

دادو(ن سنڌيار) دادو ۾ مليريا وبائي صورت اختيار ڪري وئي مليريا جون تباھ ڪاريون جاري ٻوڏ متاثر ڪيترائي ٻار توڙي پيرسن فوت ٿي ويا،سول اسپتال ۾ مليريا سينٽر تي مليريا چيڪ ڪرائڻ وارن ماڻھن جي وڏي رش، مليريا ٽيسٽ دوران رش سبب ڪيترائي مريض واري جي انتظار ۾ فرش تي ستل آھن، مليريا ٽيسٽ ۾ 3 ڏينهن اندر 1343 مريضن جي مليريا ٽيسٽ ڪئي وئي جن مان 647 مريضن جي ٽيسٽ پازيٽو اچي وئي آھي، ذريعا، صحت کاتي دادو پاران مڇر مار اسپري نه ڪرائڻ سبب مليريا وڌيڪ ڦهلجڻ لڳي آھي، مليريا ڊپارٽمينٽ کي مليل مريضن لاءِ به مڇر دانيون هڙپ ٿيڻ جو انڪشاف ٿيو آھي، ڪنهن به هڪ مريض کي مڇر داني ملي نہ سگهي آھي،

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو