اسٽيٽ لائيف انشورنس گورنمينٽ جو سڀ کان وڏو مالياتي ادارو آھي:صديق

اسٽيٽ لائيف انشورنس گورنمينٽ جو سڀ کان وڏو مالياتي ادارو آھي:صديق

سرحد(رپورٽر) اسٽيٽ لائيف انشورنس جي ريجنل چيف صديق اڪبر چيو آھي ته اسٽيٽ لائيف انشورنس گورنمينٽ جو سڀ کان وڏو مالياتي ادارو آھي، ادارو پنهنجي پاليسي هولڊرن کي سڀني سيڙپ ڪندڙ ادارن کان وڌيڪ بونس ڏيندو آھي، خبرموجب اسٽيٽ لائيف انشورنس ڪارپوريشن حيدرآباد ريجن جي چيف صديق اڪبر، سکر زون جي زونل هيڊ اصغر علي خشڪ، سيڪٽرهيڊ اسلم چارڻ، ايريامئنيجر محمد علي ملڪ، يونين جي صدر غلام قادر جتوئي ۽ ٻين سرحد ۾ سيلزمئنيجر چيف احمد علي ملڪ جي آفيس جو دورو ڪيو جتي پريس ڪانفرنس ڪندي، ريجنل چيف صديق اڪبر، زونل هيڊ اصغر علي خشڪ، ۽ ٻين پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته اسٽيٽ لائيف انشورنس ڪارپوريشن پاڪستان جو وڏو مالياتي ادارو آھي، ادارو پنهنجي پاليسي هولڊرن کي سڀني سيڙپ ڪندڙ ادارن کان وڌيڪ بونس ڏيندو آھي، اسٽيٽ لائيف ماڻهن کي پنهنجي بچت ڪرڻ ڏانهن مائل ڪري ٿي، اسان ماڻهن کان قسطن ذريعي پاليسي جا پئسا وٺي پنهنجي مدت تي نفعي سميت هڪ ئي جڳهه تي گڏائي واپس ڪندا آھيون، اسٽيٽ لائيف ۾ جيڪو به پاليسي رکندو آھي ته اهو وڏي عرصي تائين بچت ڪري وڏي رقم جو مالڪ ٿي ويندو آھي، ڇو ته يڪدم وڏي رقم جمع ڪرڻ اڄوڪي دور ۾ ڪنهن جي وس ناهي، تنهن ڪري اسين ماڻهن کي موقعو فراهم ڪندا آھيون ته وڏي عرصي تائين بچت ڪري پنهنجي زندگي کي آسان بڻائين، اسان وٽ پاليسي هولڊرن کي قرض جي سهولت به ميسر هوندي آھي، هن وڌيڪ چيو ته پنهنجي مستقبل کي معاشي طرح بهتر ڪرڻ لاء اسٽيٽ لائيف انشورنس اوهان کوڙ سارا موقعا ۽ پلان آڇي ٿي انهن تي عمل ڪري اڳتي وڌي سگهجي تو، ان موقعي سيلز مئنيجر چيف احمد علي ملڪ جي آفيس ۽ ڪم جو جائزو وٺي سندس جي ڪارگردگي پڻ ساراهيو ويو، جڏهن ته سرحد آمد دورا اسٽيٽ لائيف انشورنس جي عملدارن کي سنڌ جي ثقافت اجرڪ جا تحفا پڻ پيش ڪيا ويا،

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو