ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ناڻي واري وزارت اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر جي مقرري لاءِ 6 نالا وزيراعظم سيڪريٽريٽ کي موڪلي ڇڏيا آهن.گورنر اسٽيٽ بئنڪ جي مقرري لاءِ تجويز ڪيل نالن ۾ نيشنل بئنڪ جو اڳوڻو صدر ڊاڪٽر سعيد احمد، عاصم معراج حسين، ايم ڊي پنجاب بئنڪ ظفر مسعود، ڊپٽي گورنر اسٽيٽ بئنڪ محمد جميل، اڳوڻي گورنر اسٽيٽ بئنڪ محمد اشرف خان ۽ وقتي گورنر اسٽيٽ بئنڪ جا نالا شامل آهن. مرتضيٰ سيد جو نالو به شامل آهي.ذريعن موجب انهن مان هڪ نالن جي منظوري اڱاري ڏينهن ڪابينا جي اجلاس ۾ ڏني ويندي.










