اسٽيل ٽائون پوليس پاران ٽارگٽ ڪلر جي گرفتاري جي دعويٰ

ملير(رپورٽ درياخان شر) اسٽيل ٽائون پوليس ڳجهي ڄاڻ تي ڪارروائي دوران ھٿيارن سميت 12 مئي جي واقعي ۾ ملوث متحدہ لنڊن سان تعلق رکندڙ مبينه ٽارگٽ ڪلر کي گلشن حدید مان گرفتار ڪري ورتوآهي.گرفتار جوابدار جي سڃاڻپ محسن سلیم عرف محسن ڇوٽو، عرف محسن گنجاني طور ٿي آهي. پوليس موجب هن پنهنجي ساٿين سان گڏجي 18 کان وڌيڪ  ٽارگٽ ڪلنگس جو اعتراف ڪيو آهي. جوابدار 12 مئي2007 ۾ متحدہ لنڊن جي اعلیٰ قیادت جي چوڻ تي ملیر ھالٽ کان ائیرپورٽ تائين چارکان وڌيڪ ماڻھن کي قتل ڪرڻ جو انڪشاف ڪيو آھي. گرفتار مبينه ٽارگٽ ڪلر کان غير قانونی هٿيار ۽ دستی بم  به برآمد ٿيو آھي. گرفتار ملزم جي خلاف ائیرپورٹ ٿاڻي تي داخل ڪيسن جي مطابق  به ڪاروائي ڪئي ويندي ۽ ھٿ آيل ھٿيارن کي  فارنزڪ چڪاس لاءِ موڪليو ويو آھي.

پهنجو تبصرو موڪليو