ملير(شهزادو مستوئي ) اسٽيل ملز جي سوين ملازمن 5 هزار کان وڌيڪ رِٽائرڊ ملازمن کي گذريل 6 سالن کان رهتن جي ادائيگي نه ڪرڻ خلاف اسٽيل ٽاون موڙ لڳ قومي شاهراه تي احتجاجي مظاهرو ڪري ۽ ڌرڻو هنيو جنهن سبب روڊ بند ٿي ويو سوين گاڏيون بيهجي ويون. ان موقعي تي پوليس ۽ رينجرس جا وڏا اٽالا پهچي ويا احتجاج ۾ شريڪ ملازمن جي هٿن ۾ بينر ۽ پلي ڪارڊ هئا ۽ اسٽيل مل انتظاميا خلاف اڀ ڏاريندڙ نعرا هڻر رهيا هئا. ان موقعي تي ملازن جي ايڪشن ڪميٽي جي اڳواڻن عبدالوحيد، مرزا مقصود، انجنيئر محسن علي خان، ايم عادل خان، شيخ هاشم ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته 5000 هزار کان وڌيڪ ريٽائرڊ ملازم رهتن جي ادئيگي جي انتظار ۾ آهن سندن گهرن ۾فاقا ڪشي آهي جڏهن ته 1000 ملازم ذهني اذيت سبب فوت ٿي چڪا آهن. هنن اعلان ڪيو ته رهتون نه مليون ته هاڻ سر سان ڪفن ٻڌي مارچ ڪنداسين. هنن انسان حقن جي ڪميٽي ۽ انٽرنيشنل ليبر آرگنائيزيّشن پاڪستان جي ڪنٽري ڊائريڪٽر کي اپيل ڪئي ته هو مداخلت ڪري سندن رهتون ادا ڪرڻ ۾ ڪردار ادا ڪري.










