لاهور (شوبز نيوز)لاهور جي اسٽيج اداڪارا حسنا پنهنجي خلاف مبينا زيادتي جو ڪيس داخل ڪرايو.اداڪارا حسنا جو الزام آهي ته اشرف شاهه نالي شخص کيس فارم هائوس تي گهرايو ۽ شراب پلائي زيادتي ڪئي ۽ فحش وڊيوز ٺاهي بليڪ ميل ڪري لکين رپيا، هيرن جي انگوزي ۽ سون جي زنجير چوري ڪئي.اداڪارا حسنا پوليس کي ٻڌايو ته 2018ع ۾ اشرف شاهه نالي شخص کيس فارم هائوس تي گهرايو ۽ کيس شراب ڏنو ۽ جنسي زيادتي ڪئي.اداڪارا موجب جوابدار کيس فحش تصويرون ۽ وڊيوز ذريعي بليڪ ميل ڪري 20 لک رپيا ڀنگ پڻ ڪيو آهي.اداڪارا حسنا جو چوڻ آهي ته جڏهن 2019 ۾ شادي ٿي ته جوابدارن سندس مڙس کي وڊيوز ڏيکاري گهر کي نقصان پهچايو.هن پوليس کي ٻڌايو ته جوابدار 2 نومبر تي شاهدره کي هڪ فارم هائوس تي وٺي ويا، جتي هن پنهنجي ساٿين سان گڏجي زيادتي ڪئي ۽ 1 لک 20 هزار رپيا، هڪ هيرن جي انگوزي ۽ 3 سون جا زنجير ڦري ويا.سندر پوليس ڪيس داخل ڪري جوابدارن جي ڳولا شروع ڪري ڇڏي آهي.










