ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) جماعت اسلامي جي مرڪزي نائب امير ۽ اڳوڻي پارلياماني ليڊر لياقت بلوچ ملڪ کي موجودو بحراني ڪيفيت مان ڪڍڻ لاءِ قومي قيادت ، نيشنل ليڊر شپ ۽ ادارن کي گڏجي ڪري قومي تر جيحات طئي ڪري قومي چارٽر ٺاهڻ تي زور ڀريندي چيو آهي ته ملڪ هن وقت سياسي ۽ اقتصادي طور بحران ۾ آهي .رياستي ادارن جو پاڻ ۾ ٽڪراءُ خوفناڪ عمل آهي جيڪو ملڪ جي مستقبل کي اونڌائي طرف وٺي ويندو .پاڪستان جو آئين هڪ قومي دستا ويز آهي جنهن ۾ تمام ادارن جو حدون مقرر آهن پر ان تي عمل بدران انحراف ڪيو وڃي جنهن جي ڪري اڄ ملڪ ۾ بي يقيني واري صورتحال آهي .تحريڪ لبيڪ مٿان پابندي غير آئيني آهي عدالتي حڪم باوجود اڳواڻ کي آزاد نه ڪرڻ توهين عدالت آهي .سياست ۾ مداخلت ۽ من پسند نتيجا حاصل ڪرڻ لاءِ اسٽبلشمينٽ کي پنهنيجو مائنڊ سيٽ تبديل ڪرڻو پوندو .اهڙن خيالن جو هن اڄ قبا آڊيٽوريم ۾ نو منتخب امير جماعت اسلامي سنڌ محمد حسين محنتي جي رٿيل حلف برداري واري تقريب کي صدارتي خطاب ۾ ميڊيا سان ڳاله ٻولهه دوران ڪيو.تقريب ۾ ڪراچيءَ کان ڪشمور جما عت اسلامي ۽ ان جي برادر تنظيم جاعهديدار وڏي تعداد ۾ شريڪ هئا.اسٽيج تي سنڌ جا نائب امير پروفيسر نظام الدين ميمڻ ،حافظ نصرالله چنا ،ممتاز حسين سهتو ،عبدالغفا عمر جنرل سيڪريٽري ڪاشف شيخ ۽ ڪراچي جو امير حافظ نعيم الرحمن پڻ موجو هئا.لياقت بلوچ وڌيڪ چيو ته پيپلز پارٽي جو حشر نشر ٿي ويو آهي هاڻي هو عوام بدران وڏيرن جي ٽيڪن تي زنده آهي .سنڌ جي عوام هميشه پ پ کي اقتدار ۾ آندو پر بدلي ۾ بک، بدحالي، بيروزگاري ڏني.سنڌ جا شهر گندگي جو ڍير بڻيل آهن.نو منتخب امير محمد حسين محنتي پنهنجي خطاب ۾ چيو ته سنڌ باب الاسلام آهي سنڌ جي عوام ۾ دين جو جذبو آهي سنڌ پاڪستان ٺاهيندڙ صوبو آهي تيل گئس ڪوئلي سميت قدرتي دولت سان مالا مال سنڌ جو عوام بيروزگاري ،بک ۽ بدحالي جي زندگي گذاري رهيو آهي اڄ ملڪ ۾ سڀ کان وڌيڪ مفلوج بلدياتي نظام آهي ته اهو سنڌ جو آهي .ووٽر غلام آهي ووٽر کي وڏيري جي غلامي ۽ ظلم جي نظام کان نجات لاءِ جماعت اسلامي جدو جهد ڪري رهي آهي سنڌ جي وسيلن کي سنڌ جي عوام تي خرچ ڪرڻو پوندو جماعت اسلامي جي جي منزل اسلامي انقلاب آهي. هن کان اڳم ۾ اڳواڻ جو استقبال ۽ سنڌ جي سوکڙي سنڌي ٽوپي پيش ڪئي وئي.










