اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ ٻاڙائي انڊيڪس ۾ 953 پوائنٽ جي گهٽتائي

اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ ٻاڙائي انڊيڪس ۾ 953 پوائنٽ جي گهٽتائي

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ اڄ منفي رجحان رهيو ۽ 100 انڊيڪس 953 پوائنٽس گهٽجي وئي. رمضان جي پهرين ڏينهن ۾ ابتدا ۾ ڪاروبار جو مليل جليل رجحان رهيو پر آخر ۾ تيزي سان مارڪيٽ ڪري پيو. رمضان ۾ ڏيڍ وڳي مارڪيٽ بند ٿيو ۽ 100 انڊيڪس ملاجلا ۾ پاڪستان ايڪسچينج ڪاروبار شروع ڪيو.64 هزار 801 تي بند ٿيو. ناڻي واري نئين وزير کي ذري گهٽ 1000 پوائنٽ جي گهٽتائي جي سلامي ملي آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته آءِ ايم ايف جو وفد ڳالهين لاءِ اڄ رات پاڪستان پهچي رهيو آهي ۽ ڳالهين جي ڪاميابي بعد 1.1 ارب ڊالر جي قسط جاري ٿيڻ جو امڪان آهي. ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب چيو آهي ته آءِ ايم ايف کي ناراض نٿا ڪري سگهون ۽ پاڪستان کي ڊيفالٽ کان بچائڻ لاءِ آءِ ايم ايف کان نئون پروگرام به وٺنداسين.

پهنجو تبصرو موڪليو