ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) پاڪستان اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ مسلسل ٻئي ڏينهن به شديد مندي رڪارڊ ڪئي وئي آهي. ڪاروباري هفتي جي ٻئي ڏينهن به ڪاروبار جي شروعات تي اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ شديد مندي ڏسڻ ۾ آئي آهي، جتي 2200 کان وڌيڪ پوائنٽن جي ڪمي سان پاڪستان اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ هينڊريڊ (100) انڊيڪس هڪ لک 76 هزار 553 پوائنٽن جي سطح تي اچي ويو آهي.واضح رهي ته گذريل ڪاروباري ڏينهن جي پڄاڻي تي هينڊريڊ انڊيڪس 2314 پوائنٽن جي ڪمي سان هڪ لک 79 هزار 927 پوائنٽن جي سطح تي بند ٿيو هو.










