ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) پاڪستان اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ هاڪاري رجحان سبب انڊيڪس هڪ لک 77 هزار پوائنٽس جي حد تي بحال ٿي ويو آهي. ڪاروباري هفتي جي چوٿين ڏينهن (خميس تي) ڪاروبار جي شروعات تي اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ زبردست تيزي ڏسڻ ۾ آئي. 2000 کان وڌيڪ پوائنٽس جي اضافي سان پاڪستان اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ انڊيڪس هڪ لک 77 هزار 354 پوائنٽس جي سطح تي پهچي ويو. واضح رهي ته گذريل ڪاروباري ڏينهن جي پڄاڻي تي هانڊريڊ (100) انڊيڪس هڪ لک 75 هزار 285 پوائنٽس جي سطح تي بند ٿيو هو.










