اسٽاڪ مارڪيٽ جي هنڊريڊ انڊيڪس ڏيڍ لک جي حد پار

اسٽاڪ مارڪيٽ جي هنڊريڊ انڊيڪس ڏيڍ لک جي حد پار

ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر)پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج هڪ ٻيو تاريخي سنگ ميل پار ڪري ورتو آهي. اڱاري ڏينهن پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج نوان رڪارڊ قائم ڪرڻ جاري رکندي هڪ موقعي تي هنڊريڊ انڊيڪس ڏيڍ لک پوائنٽس جي حد پار ڪري نئون رڪارڊ قائم ڪيو. اڱاري ڏينهن بعد ۾ اها گهٽ ٿي وئي ۽ 149770.74 تي بند ٿي. اڱاري تي هنڊريڊ انڊيڪس ۾ 1574.32 پوئنٽ پازيٽون تي بند ٿي. اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ اڱاري تي 264 ڪمپنين جي شيئرز ۾ اضافو ٿيو، 194 ڪمپنينن جا شيئر گهٽ ٿي ويا ۽ 24 ڪمپنين جي شيئرز جي اگهه ۾ ڪا به ردو بدل رڪارڊ نه ڪئي وئي. ڪالهه، واپار جي پهرين ڏينهن تي، پي ايس ايڪس 100 انڊيڪس 148,196 پوائنٽس جي رڪارڊ بلند ترين سطح تي بند ٿيو، جيڪو 704 پوائنٽس وڌي ويو.اڄ، اڱاري تي، واپاري هفتي جي ٻئي ڏينهن، 100 انڊيڪس ۾ وڏو اضافو ڏٺو ويو ۽ انڊيڪس 150323 جي سطح تائين پهتي پر بعد لاهه چاڙهه بعد ڏيڍ لک کان ٿورو گهٽ پوائنٽس تي ڪاروبار بند ٿيو. ياد رهي ته اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ لاٿ يا واڌ ٿيڻ ملڪي معيشت جي مجموعي طور سڌرڻ جي علامت نه هوندي آهي. حڪومت اهو چوڻ ۾ حق بجانب هوندي آهي ته سيڙپڪارن جو اعتماد بحال ٿيو آهي پر حقيقت ۾ ان جو فائدو يا نقصان تمام محدود ڪمپنين ۽ ماڻهن کي ٿيند آهي. ان ڪري ماهرن موجب اسٽاڪ مارڪيٽ جي انڊيڪس جي بنياد تي معيشت بهتر ٿيڻ جو معيار مقرر نٿو ڪري سگهجي.

پهنجو تبصرو موڪليو