ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج جي گذريل هڪ هفتاوار ڪارڪردگي سامهون اچي وئي آهي. جاري هفتاوار ڪاروبار دوران پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج جو 100 انڊيڪس 1 هزار 325 پوائنٽن جي ڪميءَ سان 1 لک 80 هزار 104 تي بند ٿيو. ان ڪاروباري هفتاوار دوران 100 انڊيڪس 2568 پوائنٽن جي بينڊ (رينج) ۾ رهيو. 100 انڊيڪس جي هفتاوار بلند ترين سطح 1 لک 82 هزار 347 جڏهن ته گھٽ ۾ گھٽ سطح 1 لک 79 هزار 778 رهي. شيئرز بازار ۾ هن هڪ هفتاوار دوران 3.41 ارب شيئرز جا سودا 152 ارب روپين ۾ ٿيا. مارڪيٽ ڪئپيٽلائيزيشن هفتاوار بنيادن تي 107 ارب روپيا گھٽجي 20130 ارب روپيا ٿي وئي آهي.










