ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ ڪاروبار جو مثبت رجحان برقرار آهي.پي ايس ايڪس هينڊريڊ انڊيڪس 48000 پوائنٽس کان وڌي ويو ۽ 615 پوائنٽن جي اضافي سان 48,044 تي پهچي ويو.ڪالهه 100 انڊيڪس 956 پوائنٽن جي گهٽتائي سان 47429 تي بند ٿيو.ٻئي طرف انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 19 پئسا مهانگو ٿي 288.10 رپيا ٿي ويو آهي.ڪالهه انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 287.91 رپين تي بند ٿيو.










