اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف قومي اسيمبلي ٽوڙڻ لاءِ صدر کي مشوري موڪلڻ جو امڪان آهي.نجي ٽي وي جي خبر موجب صدر وزيراعظم جي صلاح تي هڪ ڏينهن بعد قومي اسيمبلي ٽوڙي سگهي ٿو.نگران وزيراعظم لاءِ وزيراعظم ۽ مخالف ڌر جي اڳواڻ ۾ هن وقت تائين ڪنهن به نالي تي اتفاق نه ٿي سگهيو آهي، حفيظ شيخ کي نگران وزيراعظم لاءِ ڪيترن ئي حلقن جو پسنديده سمجهيو وڃي ٿو.وزيراعظم ۽ مخالف ڌر جي اڳواڻ ۾ ڪنهن نالي تي اتفاق نه ٿيڻ جي صورت ۾ معاملو پارلياماني ڪميٽي حوالي ڪيو ويندو. جيڪڏهن پارلياماني ڪميٽي به ڪنهن نتيجي تي نه پهتي ته معاملو اليڪشن ڪميشن تي ڇڏيو ويندو.










