اسيمبليون ڪڏهن ٽوڙجن، ڪميٽي جون سفارشون تيار

اسيمبليون ڪڏهن ٽوڙجن، ڪميٽي جون سفارشون تيار

لاهور(ويب ڊيسڪ)پاڪستان تحريڪ انصاف جي اعليٰ سطحي ڪميٽي اسيمبليون ٽوڙڻ واري معاملي تي پنهنجون سفارشون تيار ڪري ورتيون آهن.پي ٽي آءِ ذريعن موجب ڪميٽي ميمبرن 20 ڊسمبر تائين اسيمبليون ٽوڙڻ جي سفارش ڪئي آهي، شاهه محمود قريشي جي صدارت هيٺ ڪميٽي جي اجلاس ۾ سياسي صورتحال جو جائزو ورتو ويو. ذريعن جو چوڻ آهي ته اجلاس ۾ ميان اسلم اقبال، محمود الرشيد، حماد اظهر، اعجاز چوڌري ۽ ٻين ميمبرن شرڪت ڪئي، پنجاب جي ڪجهه ميمبرن اسيمبليون فوري طور نه ٽوڙڻ جو مشورو ڏنو.پي ٽي آءِ ذريعن جو چوڻ آهي ته ميمبرن راءِ ڏني ته سياسي ڪارڊ کيڏڻ وقت وقت جو خيال رکيو وڃي، اسيمبليون تڏهن ئي ٽوڙڻ گهرجن جڏهن وفاق ۽ ٻين صوبن تي اسيمبليون ٽوڙڻ جو دٻاءُ وڌي سگهي.ميمبرن جو چوڻ هو ته هن وقت تڪن ۾ ترقياتي ڪمن لاءِ اربين رپين جا ٽينڊر ٿي چڪا آهن، ڪيترائي سرڪاري منصوبا مڪمل ٿيڻ جي آخري مرحلي ۾ آهن.ذريعن جو چوڻ آهي ته عمران خان ڪميٽي جي سفارشن تي پارلياماني بورڊ جي اجلاس کانپوءِ تاريخ جو حتمي فيصلو ڪندو.

پهنجو تبصرو موڪليو