اسنوڪر ۾ پاڪستان لاءِ سون جو تمغو حاصل ڪندس، سجاد

ميرپور ماٿيلو(ن سنڌيار) اڳوڻو اسنوڪرچمپيئن محمد سجاد ميرپور ماٿيلو پهتو. ايف ايف سي جي اسٽاف ڪلب پاران سندن مان ۾ مانجهاندو. قطر ۾ نومبر ۾ ٿيندڙ ورلڊ اسنوڪر ڪپ ۾ پاڪستان لاء گولڊ ميڊل آڻڻ جي ڪوشش ڪبي. ٽي 20 ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ ۾ پاڪستان جي ٽيم لاء پر اميد آهيون ته اهي ورلڊ ڪپ کٽي ايندا. اسنوڪر ۾ تمام گهڻو ٽيلنٽ آهي. نوجوانن کي ڪوچنگ ڏيڻ لاء تيار آهيان. ٽيلنٽ هنٽ پروگرام ذريعي نوان راديگر ڳوليا وڃن. محمد سجاد جي ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه. تفصيل موجب: ايف ايف سي ڀاڻ فيڪٽري ميرپور ماٿيلو جي مئنيجمنٽ جي دعوت تي اڳوڻو ورلڊ اسنوڪر چمپيئن محمد سجاد ميرپور ماٿيلو پهتو جتي ايف ايف سي مئنيجمينٽ پاران کيس اسٽاف ڪلب ۾ مانجهاندو ڏنو ويو. جتي هن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته نومبر ۾ ورلڊ اسنوڪر ڪپ جيڪو قطر ۾ ٿئي پيو ان ۾ شرڪت لاء ڀرپور تياري ڪيان پيو انشاءالله پاڪستان لاء گولڊ ميڊل کٽي آڻيندس هن چيو ته هن 46 سالن کان بعد اسنوڪر راند ۾ وڏي کان وڏي بريڪ 7-4-1 جو ريڪارڊ حاصل ڪيو آهي. هن جو چوڻ هو ته گهوٽڪي ضلعي ۾ به سنوڪر جي راند کي پروموٽ ڪرڻ لاء ايف ايف سي انتظاميه هن کان تعاون جي گهر ڪئي آهي ان لاء عنقريب ٽيلنٽ هنٽ پروگرام منعقد ڪيو ويندو جنهن سان نوجوانن کي موقعو ملندو. هن پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم لاء به نيڪ خواهشن جو اظهار ڪندي چيو ته ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ پاڪستاني ٽيم پاران ورلڊ ڪپ کٽڻ لاء پر اميد آهيون. واضح رهي ته محمد سجاد پاران 2010 ۾ ڪورات ٿائيلينڊ ۾ گولڊ ميڊل جڏهن ته ساڳئي ئي سال ۾ ايشيئن اسنوڪر ڪپ ۾ سلور ميڊل 2013 ۾ ٽيم ايونٽ ورلڊ ڪپ ۾ گولڊ ميڊل ساڳئي سال جي ايشيئن اسنوڪر چمپيئن شپ ۾ سلور ميڊل ۽ 2014 ۾ ٽيم ايونٽ ورلڊ ڪپ ۾ سلور ميڊل حاصل ڪري چڪو آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو