نواب شاهه)ن سنڌيار)اڳوڻي صوبائي صلاحڪار اسماعيل ڏاھري، سندس ڀاءُ علي رضا ڏاھري مٿان زمين تي قبضو ڪرڻ جا الزام مڙھندڙ سندس ڀاءُ ابراھيم ڏاھري مامري ۾ ڊرامائي تبديلي، مقتول وجاھت ڏاھري جي والد پاران مبينه زميني تڪرار تان ابراهيم ڏاھري ۽ سندس پٽن تي وجاھت کي قتل ڪرڻ جا الزام، بينگاھ ماڻھن کي ڪيس مان آجو ڪرڻ جي اپيل، خبر موجب ٻه سال اڳ دولتپور جي ڳوٺ بڍو ڏاھري ۾ گوليون ھڻي بيدردي سان قتل ٿيل نوجوان وجاھت ڏاھري جي والد علي گوھر ڏاھري پٽ جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ نواب شاهه پريس ڪلب ۾ پريس ڪلب ڪندي دانھيون آھي ته منھنجي پٽ وجاھت ڏاھري کي 18 آگسٽ 2020 تي ڳوٺ بڍو ڏاھري ۾ گوليون ھڻي بيدردي سان قتل ڪيو ويو ھو، ھن چيو ته مان ان وقت ڪنھن شادي ۾ ويل ھئس اطلاع ملڻ تي واپس آيس ته پوليس مون تي ڪيس داخل ڪرائڻ لاءِ زور ڀريو جن کي مون منع ڪيو ته مونکي ھن وقت ڪنھن تي به شڪ ناھي ۽ آئون ھن وقت فيصلي ڪرڻ جي صلاحيت نٿو رکان، ھن چيو ته بعد ۾ مونکي خبر پئي ته دولتپور ٿاڻي تي منھنجي پٽ جي قتل جي ايف آئي آر داخل ڪئي وئي آهي، ھن چيو ته منھنجو سڳو سئوٽ اڳوڻي صوبائي صلاحڪار اسماعيل ڏاھري ۽ علي رضا ڏاهري جي ڀاءُ محمد ابراھيم ولد محمد مقيم ڏاھري جيڪو ھر وقت مونسان بلاجواز جھيڙو ڪندو ھو جنھن تي مونکي شڪ پيو ۽ مون پنھنجي طريقي سان ڳولا ڪئي ته خبر پئي منھنجي پٽ کي ميان احمد، سڪندر، منھنجي سڳي سئوٽ محمد ابراھيم ڏاھري ۽ ان جا پٽ محمد مقيم ۽ آفتاب عرف افي ڏاھري قتل ڪيو آھي ۽ مونکي شڪ آھي ته ڪيس ۾ ڪجھ بينگاھ ماڻھن کي گرفتار ڪيو ويو آئون نٿو چاھيان تہ ڪنھن بينگاھ تي سزا اچي جڏھن ته مذڪورہ جوابدار ھن وقت آزاد گھمي رھيا آھن جن مان مونکي جان جو خطرو آهي، جڏھن ته ڪيس ۾ ڄاڻايو ٻين جوابدارن کي ڦاسايو ويو آھي جيڪي اصل جوابدار ناھن، ھن آئي جي سنڌ، ڊي آئي جي، ايس ايس پي شھيد بينظيرآباد ،جناب سيشن جج شھيد بينظيرآباد ۽ ٻين وس وارن کان مطالبو ڪيو ته منھنجي پٽ وجاھت جي قتل ۾ ملوث محمد ابراهيم ڏاھري کي انڪوائري ۾ شامل ڪري مونسان انصاف ڪيو وڃي، ٻي طرف ھن چيو ته حميده ڏاھري ۽ فريده ڏاھري جيڪي مسلسل ملڪيت لاءِ دانھيدي رھيون آھن آھي سردار اسماعيل ڏاھري ۽ رضا ڏاھري جون سڳيون ڀينرون آھن، واضح رهي ته قتل ٿيل ٿي ويل نوجوان وجاھت علي ڏاھري جي ڪيس ۾ اڳوڻو صوبائي صلاحڪار اسماعيل ڏاھري ۽ علي رضا ڏاهري الزام ھنيا ھئا ته اسان جي ڀاڻيجي وجاھت ڏاھري کي سردار خان محمد ڏاھري، مٺل ڏاھري ۽ انجنيئر اويس ڏاھري ۽ اعجاز ڏاھري قتل ڪرايو آھي، جڏھن ته اڄ مقتول وجاھت ڏاھري جي والد علي گوھر ڏاھري سڄي پريس ڪانفرنس ۾ خان محمد ڏاھري، مٺل ڏاھري ۽ اويس ڏاھري اعجاز ڏاھري جو نالو نه ورتو ۽ ھن اھو واضح چيو ته منھنجي پٽ جي قتل ۾ منھنجو سڳو سئوٽ محمد ابراھيم ڏاھري ۽ ان جا پٽ شامل آھن، ھن چيو ته ڪنھن ٻئي بينگاھ کي منھنجي پٽ جي قتل ڪيس ۾ نه ڦاسايو وڃي.










