اسلام آباد(بيورو رپورٽ)اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ هاءِ پروفائيل ڪيسن سميت آفيسن جي ٻاهران ٻڌايل ڪيسن جا تفصيل سامهون اچي ويا آهن.تفصيل موجب 2019ع ۽ 2022ع ۾ تڪڙي ڪيسن جي ٻڌڻي آفيس جي وقت کانپوءِ ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو.عدالتي ذريعن موجب 2018ع کان هن وقت تائين 759 ڪيس آفيسن جي ٻاهران ٻڌا ويا آهن.2018 ۾ 137 ڪيس، 2019 ۾ 139 ۽ 2020 ۾ 138 ڪيس ٻڌا ويا.ذريعن موجب 2021ع ۾ 180 ۽ 2022ع ۾ 165 ڪيسن جي ٻڌڻي آفيس ڪلاڪ کانپوءِ ڪئي وئي.ماضي ۾ نواز شريف، عمران خان ۽ تحريڪ انصاف جي اڳواڻن سميت ٻين سياسي ڪيسن جي به ٻڌڻي ٿي.جهيڙي سميت ٻين عام ڏوهن جي ڪيسن جي ٻڌڻي به آفيس ٻاهران ئي ڪئي وئي.ڇنڇر تي نواز شريف ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جنهن ۾ سياسي پارٽين ۽ ڪجهه صحافين پاران سخت تنقيد ڪئي وئي.عمران خان ماضي ۾ به عوامي ميڙاڪن ۾ عدالت دير سان کولڻ تي اعتراض ڪيو هو.










