اسلام عورتن کي حق ڏئي ٿو پر مرد نه ٿا ڏين: ارمينا خان

اسلام عورتن کي حق ڏئي ٿو پر مرد نه ٿا ڏين: ارمينا خان

ڪراچي (شوبز نيوز) مشهور پاڪستاني اداڪارا ارمينا خان جو چوڻ آهي ته اسلام عورتن کي حق ۽ آزادي ڏئي ٿو پر مسلمان مرد عورتن کي انهن حقن تائين رسائي نٿا ڏين.ارمينا خان مائيڪرو بلاگنگ ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي عرب ملڪن ۾ 3 عورتن جي قتل تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي. هن پنهنجي ٽوئيٽ ۾ لکيو ته ”اهو تڏهن ٿيندو آهي جڏهن توهان عورتن کي معاشري ۾ ٻئي درجي جي شهري ٿيڻ جي اجازت ڏيندا آهيو. هن وڌيڪ لکيو ته ”اهڙين حالتن ۾ مرد عورتن کي اهڙو ادارو سمجهن ٿا، جن کي هو جيئن چاهي رکي سگهن ٿا ۽ جڏهن چاهي انهن کي پنهنجي زندگيءَ مان ڪڍي ڇڏيندا آهن.ارمينا خان وڌيڪ لکيو ته ”عورتن سان اهڙو سلوڪ هاڻي ڪم نه ڪندو.هڪ صارف اداڪارا جي ٽوئيٽ جي جواب ۾ لکيو ته ”اهو ئي سبب آهي جو اسلام عورتن کي تمام گهڻي آزادي ۽ عزت ڏني آهي“.

پهنجو تبصرو موڪليو