اسلام آباد ۾ مطالبن جي منظوري لاءِ هارين جو ڌرڻو جاري

اسلام آباد ۾ مطالبن جي منظوري لاءِ هارين جو ڌرڻو جاري

اسلام آباد (بيورورپورٽ)اسلام آباد ۾ سڄي ملڪ مان آبادگارن پاران مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج جاري آهي.وفاقي حڪومت هارين کي مسئلا حل ڪرڻ جو يقين ڏياريو آهي پر احتجاجي اڳواڻن جو چوڻ آهي ته حڪومتي نوٽيفڪيشن تي هو پاڻ ۾ مشاورت ڪندا.آبادگارن مطالبو ڪيو آهي ته زرعي زمينن تي هائوسنگ اسڪيمن جي اڏاوت بند ڪئي وڃي، ٻوڏ متاثر علائقن ۾ ڀاڻ، ٻج ۽ ڊيزل جي مفت فراهمي ڪئي وڃي، ڪڻڪ جو اگهه 4 هزار ۽ ڪمند جو اگهه 400 رپيا في مڻ مقرر ڪيو وڃي.ٻئي طرف احتجاج سبب روڊ بند ٿيڻ سبب مختلف شاهراهه تي ٽريفڪ جي رواني متاثر ٿي رهي آهي، جنهن ڪري شهرين کي سخت پريشانين کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو