اسلام آباد ۾ آواره ڪتن کي زهر ڏيڻ يا گولي هڻڻ تي مستقل پابندي

اسلام آباد ۾ آواره ڪتن کي زهر ڏيڻ يا گولي هڻڻ تي مستقل پابندي

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ وفاقي راڄڌاني ۾ آواره ڪتن کي زهر ڏيڻ، گولي هڻڻ يا ضايع ڪرڻ تي مستقل پابندي لاڳو ڪري ڇڏي آهي.جسٽس خادم حسين سومرو اسلام آباد ۾ آواره ڪتن جي آبادي کي ڪنٽرول ڪرڻ ۽ انهن تي تشدد جي خلاف درخواست تي 24 صفحن تي مشتمل تفصيلي فيصلو جاري ڪيو.عدالت اسلام آباد ۾ آواره ڪتن کي زهر ڏيڻ، گولي هڻڻ يا ضايع ڪرڻ تي مستقل پابندي لاڳو ڪرڻ ۽ آواره ڪتن جي آبادي کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ ڦندڻ، نسبندي ۽ ويڪسينيشن اختيار ڪرڻ جي هدايت ڪئي.هاءِ ڪورٽ وائلڊ لائف مئنيجمينٽ بورڊ، سي ڊي اي ۽ ٻين ڌرين کي پاليسي تي عمل ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو