اسلام آباد (بيورو رپورٽ)اسلام آباد ۽ راولپنڊي ۾ گجگوڙ سان برسات پئي.واسا راولپنڊي کاتي برساتن کي نظر ۾ رکندي الرٽ جاري ڪري ڇڏيو آهي ۽ نالن جي نگراني ڪئي پئي وڃي.برسات کانپوءِ شهر جي ڪيترن ئي علائقن ۾ بجلي جي فراهمي معطل ٿي وئي، شهرين کي پريشانين کي منهن ڏيڻو پئجي ويو.ٻئي طرف مظفرآباد، صوابي، لوئر دير ۽ مالاڪنڊ ۾ به تيز برسات پئي. بابوسر ٽاپ تي برفباري سبب جلخود چالس روڊ تي ٽريفڪ جي رواني متاثر ٿي.موسميات کاتي اڄ مٿانهين خيبرپختونخواهه، پوٽوهر واري علائقي، گلگت بلتستان ۽ ڪشمير ۾ برسات جي اڳڪٿي ڪئي آهي.










