اسلام آباد: پي ٽي آءِ اڳواڻ شهريار آفريدي گرفتار

اسلام آباد: پي ٽي آءِ اڳواڻ شهريار آفريدي گرفتار

اسلام آباد)بيورو رپورٽ)پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ شهريار آفريدي کي اسلام آباد مان گرفتار ڪيو ويو.پوليس موجب شهريار آفريدي کي سيڪٽر ايف 8 مان امن امان جي خطري تحت گرفتار ڪيو ويو آهي.ٻئي طرف راولپنڊي ۾ شيخ رشيد ۽ سندس ڀائٽي شيخ رشيد شفيق جي گرفتاري لاءِ لال حويلي تي پوليس جو ٻيو ڇاپو به بيڪار ٿي ويو.پوليس هن وقت تائين ڪا به گرفتاري عمل ۾ نه اچي سگهي آهي.ان کان اڳ پوليس پي ٽي آءِ اڳواڻ فياض الحسن چوهاڻ کي به مري روڊ لياقت باغ مان گرفتار ڪيو هو.فياض الحسن چوهاڻ خلاف 9 مئي تي صادق آباد ٿاڻي ۾ ڪيس داخل ڪيو ويو هو، جنهن ۾ مٿس ڪارڪنن کي باهه ڏيڻ ۽ ڀڙڪائڻ جو الزام هو.

پهنجو تبصرو موڪليو