اسلام آباد (بيورو رپورٽ)اسلام آباد پوليس پي ٽي آءِ اڳواڻن جا گرفتاري وارنٽ حاصل ڪري ورتا.ذريعن موجب اسلام آباد پوليس غلام سرور خان، زلفي بخاري، واثق ۽ ٻين پي ٽي آءِ اڳواڻن جا گرفتاري وارنٽ حاصل ڪري ورتا آهن، جڏهن ته علي امين گنڊاپور ۽ پرويز خٽڪ اڳ ئي اسلام آباد پوليس کي ڪيسن ۾ گهربل آهن.پوليس ذريعن جو چوڻ آهي ته عوام جي وڏي انگ وفاقي حڪومت کي اپيل ڪري رهي آهي ته روڊ کوليا وڃن، وفاقي حڪومت جي اجازت سان اسلام آباد پوليس، رينجرز ۽ ايف سي موٽر وي کي کوليو وڃي.پوليس ذريعن موجب اسلام آباد ۾ ڪاروبار معمول موجب هلندڙ آهي ۽ ٽريفڪ پڻ معمول تي آهي.










