صهيب ۽ هيلز جون ففٽيون ضايع، پشاور 12 رنز تان فاتح

لاهور(ويب ڊيسڪ) ايڇ بي ايل، پي ايس ايل جي سيڪنڊ اليمينيٽر ميچ ۾ پشاور دلچسپ مقابلي بعد هارايل ميچ 12 رنز تان کٽي ورتي. جمعي تي پشاورجي لاهور سان ميچ ٿيندي جيڪا انهن مان کٽندي اها ملتان سان فائنل کيڏندي. ان کان اڳ شاداب خان ٽاس کٽي پشاور کي بيٽنگ جي دعوت ڏني آهي. پشاور زلمي جي ڪپتان بابراعظم چيو ته جيڪڏهن اسين ٽاس کٽيون ها ته اسين اڳ ۾ بيٽنگ ئي ڪريون ها.پشاور زلمي 20 اوورن ۾ 8 وڪيٽن جي نقصان تي 183 رنزاسڪور ڪيون، بابر اعظم جي آئوٽ ٿيڻ بعد سندن رن ريٽ ڪري پيو ۽ اسلام آباد ميچ ۾ واپس آئي. جواب م پشاور جي رحمان الله گرباز مجيب جي پهرين اسپن اوور ۾ 10 رنز حاصل ڪيون پر اسلام آباد کي 12 رنز مليون. ٻئي اوور ۾ عظمت الله عمرزئي جا بال تي مجيب کيس ڪيچ ڪيو، گرباز هڪ ڇڪو ۽ هڪ چوڪو هنيو، 12 تي اسلام آباد جي پهرين وڪيٽ ڪري.جنهن بعد صهيب مقصود ۽ ايلڪس هيلز اسڪور اڳتي وڌايو بنهي پنهنجون ففٽيون مڪمل ڪيون، صهيب جيڪو 2021 جي پي ايس ايل جو ٽاپ اسڪورر هو ملتان پاران تنهن کي هن ڀيري اسلام آباد وارن ٻيو ڀيرو کيڏايو آهي. هن 2 ڇڪن ۽ 7 چوڪن جي مدد سان 48 بالن تي 60 رنز ٺاهيون ته کيس عامر جمال بولڊ ڪيو. جنهن بعد شاداب پاڻ اچڻ يا ڪولن منرو بدران اعظم خان کي موڪليو. جنهن کي 2 رنز تي سلمان ارشاد بولڊ ڪيو، جنهن بعد ايلڪس هيلز کي  عامر جمال بولڊ ڪيو، هن 2 ڇڪن ۽ 7 چوڪن جي مدد سان 37 بالن تي 57 رنز ٺاهيون. ان بعد 17هين اوور ۾ فهيم اشرف کي عامر جمال رن آئوٽ ڪيو ته ڪولن منرو جو ساٿ ڏين شاداب خان آيو، هنن بڻهي اسڪور اڳتي وڌايو، شاداب جو ڪيچ صائم ايوب ڊراپ ڪيو، آخري ٻن اوورز ۾ 20 رنز گهربل هيون سلمان ارشاد 2 بال مس ڪرائي منرو کي ٽئين بال تي بولڊ ڪيو، منرو 9 بالن تي 4 رنز ٺاهيون.آخري اوور ۾ 24 رنز گهربل هيون. عامر جمال پهريون بال مس ڪرايو ٻئي ۽ ٽئين بال تي شاداب 2 ، 2 رنز ٺاهيون ۽ ڇڪو بن هنيو پر 2 بالن تي 14 رنز گهبل هيون، سنگل ٺهي ۽ آخري بال تي 13 رنز کپنديون هيون پر حسن علي بال مس ڪيو. ان کان اڳ صائم ايوب ۽ بابر اعظم جارحاڻي اننگ شروع ڪئي ۽ 60 جي مجموعي اسڪور تي صائم ايوب 6 چوڪن جي مدد سان 16 بالن تي 27 رنز اسڪور ڪري محمد وسيم جي بال تي فهيم اشرف هٿان ڪيچ ٿيو، پشاور پاور پلي ۾ 13 جي لڳ ڀڳ رن ريٽ رکيو. جنهن بعد حسيب الله خان آيو جنهن به شاندار شاٽ کيڏيا. نائين اوور ۾ 96 جي مجموعي اسڪور تي حسيب الله 11 بالن تي 3 چوڪا هڻي 15 رنز ٺاهي شاداب جي بال تي اعظم هٿان اسٽمپ ٿيو. جنهن بعد بابر جو ساٿ ڏيڻ محمد حارث آيو جنهن پهرين بال تي ئي چوڪو هڻي کاتو کوليو. ڏهين اوور ۾ بابر اعظم 8 چوڪن جي مدد سان 28 بالن تي ففٽي مڪمل ڪئي. هن تيز ترين 9 هزار رنز ٽي 20 ۾ مڪمل ڪري ورتا، اڳ ۾ ڪرس گيلز 249 اننگز، ڪوهلي 271 ۽ ڊيوڊ وارنر 273 اننگز ۾ اهو اعزاز حاصل ڪيو هو. اڄوڪي ميچ م بابر 35 هين رن وٺي 9 هزار رنز مڪمل ڪيون. 137 جي مجموعي اسڪور تي پشاور جي ٽئين وڪيٽ ڪري جڏهن بابر کي شاداب ايل بي ڊبليو ڪيو، هن 10 چوڪن جي مدد سان 39 بالن تي 64 رنز ٺاهيون. 148 جي مجموعي اسڪور تي محمد حارث 17 بالن تي 34 رنز ٺاهي آئوٽ ٿيو، هن 2 ڇڪا ۽ 3 چوڪا هنيا ۽ حسن علي جي بال تي وسيم جونيئر هٿان ڪيچ ٿيو. جنهن بعد ڪوهلر ڪيڊ مور جو ساٿ ڏيڻ جيمز نشام آيو پر هنن جي راند نه هلي ۽ رن ريٽ سلو ٿيندو ويو، نيشام 5 بالن تي 2 رنز ٺاهي فاروقي جي بال تي مبسر خان هٿان ڪيچ ٿيو. جنهن بعد عامر جمال رن آئوٽ ٿيو ۽ آخري اوور ۾ عمرزئي کي فهيم اشرف بولڊ ڪيو ۽ ڪوهلر به آخري بال تي رن آئوٽ ٿيو.

پهنجو تبصرو موڪليو