اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پي ٽي آءِ جي جلسي ۽ ڌرڻي بابت اين او سي جي درخواست اڪلائي ڇڏي

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پي ٽي آءِ جي جلسي ۽ ڌرڻي بابت اين او سي جي درخواست اڪلائي ڇڏي

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پي ٽي آءِ جي جلسي ۽ ڌرڻي بابت اين او سي جي درخواست اڪلائي ڇڏي.سپريم ڪورٽ تحريڪ انصاف جي جلسي ۽ ڌرڻي بابت اين او سي جي درخواست واپس وٺڻ واري معاملي جي ٻڌڻي ڪئي.پي ٽي آءِ اڳواڻ علي نواز اعواڻ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ ڌرڻي ۽ ريلي لاءِ اين او سي وٺڻ لاءِ درخواست داخل ڪئي هئي.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ گذريل ٻڌڻي تي پي ٽي آءِ کي ريلي جي اين او سي لاءِ انتظاميا کي نئين درخواست جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪئي هئي.سپريم ڪورٽ ۾ چيف جسٽس عامر فاروق ڪيس جي ٻڌڻي دوران رمارڪس ڏنا ته عدالت ڪو به هنڌ نه ٻڌائي سگهي، پي ٽي آءِ اسلام آباد ۾ جلسي جي تاريخ ۽ وقت انتظاميه کي آگاهه ڪري ۽ انتظاميه کان اجازت وٺي.سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ پي ٽي آءِ جي ڌرڻي سبب روڊن جي بندش خلاف مقامي واپارين جي درخواست تي به ٻڌڻي ٿي.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس عامر فاروق پي ٽي آءِ جي علي نواز اعواڻ ۽ مقامي واپارين جي درخواستن تي ٻڌڻي ڪئي.

پهنجو تبصرو موڪليو