اسلام آباد(بيورو)اسلام آباد هاءِ ڪورٽ وزيراعظم شهباز شريف جي خاص مددگار عطا تارڙ جي حفاظتي ضمانت منظور ڪري ورتي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي وقتي چيف جسٽس عامر فاروق عطا تارڙ جي درخواست تي فيصلو ٻڌائيندي پوليس کي ن ليگ اڳواڻ جي گرفتاري کان به روڪي ڇڏيو. عطا تارڙ سڪيورٽي لاءِ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ موقف اختيار ڪيو ته سندس خلاف 25 مئي تي پي ٽي آءِ ڪارڪنن تي تشدد جو ڪيس داخل ڪيو ويو، پوليس سندس گرفتاري لاءِ سندس گهر تي ڇاپو هنيو. وزيراعظم جي خاص مددگار عدالت کي حفاظتي ضمانت جي درخواست ڪئي. قلعه گجر سنگهه ٿاڻي ۾ داخل ڪيس ۾ عطا تارڙ حفاظتي ضمانت جي درخواست داخل ڪئي هئي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ عطا تارڙ جي درخواست تي فيصلو محفوظ ڪندي سندس 14 ڏينهن جي حفاظتي ضمانت منظور ڪري ورتي.










