اسلام آباد (اياز مهر) اڳوڻي وزيراعظم ميان نواز شريف کي ڏندن ۾ تڪليف سبب ڊاڪٽرن کيس برش ڪرڻ کان به روڪي ڇڏيو. سندس ٻن هوڙن ۾ سوراخ هئا جن جي ڀرائي لاءِ کيس ڊيسينٽ ڪلينڪ ۾ ڊاڪٽر بابر سبزواري معائنو ڪيو ۽ سندس ٻن هوڙن جي فلنگ يعني ڀرائي ڪئي. داڪٽرن جو چوڻ آهي ته سندس طبيعت ۾ سزارو اڃا نه اچي سگهيو آهي، سندس علاج جاري آهي. مولانا فضل الرحمان جي ساڻس ملاقات جو امڪان آهي. ياد رهي ته اڱاري تي العزيزيه اسٽيل ملز ڪيس ۾ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اڳوڻي وزير اعظم ۽ مسلم ليگ (ن) جي تاحيات قائد نوازشريف جي طبي بنيادن تي ٻن مهينن لاءِ سزا معطل ڪندي ان جي عبوري ضمانت منظور ڪري ورتي هئي. عدالت کيس 20، 20 لکن جا ٻه مچلڪا داخل ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو ته ضمانت جي مدت مچلڪا داخل ڪرڻ جي ڏينهن کان شروع ٿيندي. جيڪڏهن ٻن مهينن ۾ علاج مڪمل نه ٿي سگهي ته نواز شريف واڌ لاءِ پنجاب حڪومت سان رابطو ڪري. جيڪڏهن هن واڌ لاءِ رابطونه ڪيو ته سندس ضمانت رد تصور ڪئي ويندي. احسن اقابل تبصرو ڪندي چيو ته ٻن مهينن جي تلوار نه ٽنگي وڃي ها ته بهتر هجي ها. واضح رهي ته 26 آڪٽومبر تي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي 2 رڪني بئنچ شهباز شريف پاران جمع ڪرايل درخواستن تي 29 آڪٽومبر تائين طبي بنياد تي عبوري ضمانت منطور ڪئي هئي. هوڏانهن ميان نواز شريف جي ذاتي معالج ڊاڪٽر عدنان اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ بيان ڏيندي چيو ته نواز شريف بيمارين ۾ وڪوڙجي ويو آهي ۽ اسان کي ڊپ آهي ته ڪٿي هن کي وڃائي نه ويهون. جسٽس محسن اختر ڪياني ۽ جسٽس عامر فاروق تي مشتمل بينچ نواز شريف جي طبي بنيادن تي سزا العزيزيه اسٽيل ملز ڪيس ۾ مليل 7 سال سزا معطل ڪرڻ ۽ ضمانت تي آزاد ڪرڻ بابت شهباز شريف طرفان داخل درخواست جي سماعت ڪري رهي آهي. ڊاڪٽر عدنان عدالت کي ٻڌايو ته عام ماڻهو ۾ گهٽ ۾ گهٽ پليٽيليٽس جو تعداد هڪ لک هوندو آهي ۽ نواز شريف ۾ ان جو تعداد ڪافي گهٽ آهي. پليٽيليٽس وڌائڻ جي دوا ڏني ته هن کي هلڪو دل جو دورو پيو. هن وقت نواز شريف زندگي جي جنگ وڙهي رهيو آهي. هن کي دل، گردن، اسٽروڪ، شريانن جي سڪڙجڻ جا مسئلا آهن ۽ مونکي خدشو آهي ته ڪٿي اسين هن کي وڃائي نه ويهون. هن وقت به سندس حالت خطري ۾ آهي. ان کان اڳ عدالت پاران طلب ڪرڻ تي پنجاب جو وڏو وزير عثمان بوزدار عدالت ۾ پيش ٿيو ته عدالت جي ٻاهران موجدو ليگي ڪارڪنن سندس خلاف ڀرپور نعربازي ڪئي. هن نواز شريف جي صحت بابت صوبائي حڪومت پاران رپورٽس عدالت ۾ پيش ڪيون. هن عدالت کي ٻڌايو ته مون هڪ سال ۾ 8 ڀيرا جيلن جا دوران ڪيا آهن، 4500 قيدين کي فائدو ڏنو آهي، 600 قيدين جي ڏنڊ جي رقم ادا ڪئي اٿم ۽ پنجاب حڪومت سڌارن ذريعي جيلن جي حالت بهتر بنائي رهي آهي. هن چيو ته نواز شريف جو پنجاب حڪومت تي اعتماد آهي ۽ هو سرڪاري اسپتال ۾ علاج هيٺ آهي اسين سندس ڀرپور خيال رکون ٿا، هو بيان ڏئي واپس روانو ٿي ويو. نواز شريف جي وڪيل خواجا حارث چيو ته نواز شريف انجائنا سبب سڀ بيماريون جاڳي پيون آهن ۽ کيس وٺ ڪري ويون آهن، هنکي هڪ ڇت هيٺان علاج ٿيڻ ضروري آهي، هن کي مرضي مطابق علاج ڪرائڻ جو حق ملڻ گهرجي. نيب جي ايڊيشنل پراسيڪيوٽر جنرل چيو ته سپريم ڪورٽ اڳ م 6 هفتن لاءِ سندس ضمانت منظور ڪندي پاڪستان مان ڪٿان به علاج ڪرائڻ جي سهولت ڏني هئي. ڪنهن به ڊاڪٽر هن مهل به اهو ناهي چيو ته سندس علاج پاڪستان ۾ ممڪن ناهي. هن چيو ته مخصوص مدت لاءِ ڀلي سزا معطل ڪندي ضمانت منظور ڪريو. ڌرين جا دليل ٻڌڻ بعد عدالت فيصلو محفوظ ڪري ڇڏيو.










