اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي نئين چيف جسٽس جي مقرري لاءِ جوڊيشل ڪميشن جو اجلاس اڱاري پهرين نومبر تي ٿيندو. چيف جسٽس آف پاڪستان عمر عطا بنديال اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي نئين چيف جسٽس جي مقرري لاءِ جوڊيشنل ڪميشن جو اجلاس طلب ڪري ورتو آهي. جوڊيشنل ڪميشن جو اجلاس پهرين نومبر تي گهرايو ويو آهي.جوڊيشل ڪميشن جي اجلاس ۾ چيف جسٽس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي سينئر ترين جج جسٽس عامر فاروق جي نالي تي غور ٿيندو. جوڊيشل ڪميشن جي سفارش جو جائزو وٺڻ کان پوءِ پارلياماني ڪميٽي مقرري جي حتمي منظوري ڏيندي.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي موجوده چيف جسٽس اطهر من الله کي جوڊيشل ڪميشن گذريل اجلاس ۾ سپريم ڪورٽ جو جج مقرر ڪرڻ جي سفارش ڪئي هئي. گذريل اجلاس ۾ جسٽس اطهر من الله کي سپريم ڪورٽ جو جج لڳائڻ جي منظوري ڏني وئي هئي.










