اسلام آباد (بيورو رپورٽ): نيشنل سائبر ڪرايم انويسٽيگيشن ايجنسي (NCCIA) اسلام آباد جي سيڪٽر جي ايٽ (G-8) ۾ قائم هڪ منظم ڪال سينٽر تي ڇاپو هڻي مختلف ڊجيٽل ڊيوائسز تحويل ۾ وٺي ڇڏيون آهن. ڇاپي دوران ديجيٽل فراڊ ۽ مبينا سائبر ڏوهن ۾ ملوث ملڪي ۽ پرڏيهي جوابدار موقعي تان فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا. اداري موجب جپت ڪيل سامان ۽ ڊيوائسز کي فارنزڪ معائني لاءِ موڪليو ويو آهي.










