سکر (بيورو رپورٽ) ڳوٺ حاجي نهال خان بلوچ جي پرائمري اسڪول تي اسسٽنٽ ڊائريڪٽر پرائمري سکر ريجن پرويز قريشي اوچتو ڇاپو هڻي اسڪول جو دورو ڪيو اسڪول ۾ مقرر 6 استادن مان هڪ استاد غير حاضر هو جيڪو تقريبا 10 وڳي پهتو جنهن کان بعد اسسٽنٽ ڊائريڪٽر اسڪول جي شاگردن کان سوال ڪيا پنجين ڪلاس جي شاگرد سوالن جا جواب نه ڏئي سگهيا جنهن کان پوءِ استادن کي ڇنڊ پٽيندي چيو ته تعليم کي بهتر بڻايو ۽ حاضري کي يقيني بڻايو جنهن کان بعد هاءِ اسڪول جي بلڊنگ جو دورو ڪيو هاءِ اسڪول جي ڪلاس رومز ۾ بااثر ڳوٺاڻي جي ڇوهارن جون ٻوريون رکيل هيون ۽ ڪلاس رومز کي تالا لڳل هئا.

اسسٽنٽ ڊائريڪٽر پرائمري سکر ريجن پرويز قريشي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ڊي اي او خيرپور ۽ ٽي اي او خيرپور ڏانهن اسڪول جي حالت بابت ليٽر لکي رهيا آھيون ته جيئن ايڪشن کڻي سگهجي.










