تهران (ويب ڊيسڪ) ايراني پاسدارانِ انقلاب جي قدس فورس جي سربراهه اسماعيل قاني اسرائيل کي سخت ڊيڄاريندڙ وارننگ جاري ڪري ڇڏي، بيان ۾ چيو ويو آهي ته لبناني سرزمين استقامت ۽ مزاحمت جو ميدان آهي، اسرائيل کي لبنان جي سمورن علائقن مان نڪرڻو پوندو، جيڪڏهن اسرائيل لبنان مان پاڻ نه نڪتو ته هو ذلت ۽ شڪست کائي ڀڄي ويندو.
آمريڪا جو ايراني پاسدارانِ انقلاب سان سڌوسنئون رابطو ڪرڻ جو فيصلو
آمريڪا ايراني پاسدارانِ انقلاب سان سڌوسنئون رابطو ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي.آمريڪي نائب صدر جي ڊي وينس برطانوي نيوز ويب سائيٽ کي انٽرويو ڏيندي چيو آهي ته آمريڪي سينٽ ڪام (CENTCOM) ۽ ايراني پاسدارانِ انقلاب جا اختيارين دوحه ۾ ملاقات ڪندا. جي ڊي وينس چيو ته اختلافن کي ختم ڪرڻ، معاشي مراعتن ۽ تعاون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي ويندي. آمريڪي نائب صدر وڌيڪ چيو ته متحده عرب امارات (يو اي اي) ايران سان اهڙا نوان رابطا قائم ڪيا آهن جيڪي اڳ ۾ نه هئا، انهن رابطن ۾ ايراني پاسدارانِ انقلاب سان رابطا پڻ شامل آهن.
جنگ بنديءَ جي باوجود اسرائيل جا ڏکڻ لبنان تي حملا جاري
جنگ بنديءَ جي اعلان جي باوجود اسرائيل پاران ڏکڻ لبنان ۾ حملا جاري آهن.رپورٽن موجب ڏکڻ لبنان ۾ گاڏيءَ تي اسرائيلي فوج جي ڊرون حملي ۾ 3 ڄڻا شهيد ٿي ويا. لبنان جي سرڪاري نيشنل نيوز ايجنسي موجب اسرائيلي فوج براشيت ۽ بيت ياحون جي ڳوٺن جي ڀرپاسي وارن علائقن کي تقريبن 10 توپخانن جي گولن سان نشانو بڻايو. ان کان علاوه اسرائيلي فوجين علائقي ۾ مشين گنن سان فائرنگ پڻ ڪئي. ٻئي طرف حزب الله الزام لڳايو آهي ته اسرائيل ڏکڻ لبنان ۾ شهرين کي مسلسل نشانو بڻائي رهيو آهي، جنهن ۾ وڌيڪ 2 ڄڻا شهيد ۽ هڪ شخص زخمي ٿي پيو. حزب الله جي بيان ۾ چيو ويو آهي ته اسرائيلي فوج ڄاڻي واڻي لبناني شهرين کي ان بهاني سان نشانو بڻايو ته اهي سندس قابض فوج لاءِ خطرو آهن. اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو چيو آهي ته لبنان ۾ اسرائيل جا فوجي مقصد اڃا پورا ناهن ٿيا، ڏکڻ لبنان ۾ سيڪيورٽي بفر زون قائم ڪرڻ تي ڪم ڪري رهيا آهيون.
اسان ته صرف اتي ئي فصل لُڻي رهيا آهيون جيڪو آمريڪا پوکيو هو، باقر قاليباف
ايراني پارليامينٽ جي اسپيڪر ۽ چيف ڳالهائيندڙ محمد باقر قاليباف چيو آهي ته ايران جي غير منجمد ٿيل اثاثن مان آمريڪا جون زرعي پيداوارون خريد ڪرڻ جو آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جو دعويٰ بي بنياد آهي.باقر قاليباف آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي بيان تي ردعمل ڏيندي چيو ته اسان ته صرف اتي ئي فصل لُڻي رهيا آهيون جيڪو آمريڪا پوکيو هو، آمريڪا جيڪو فصل پوکيو اهو ڏهاڪن تي ٻڌل بي اعتمادي آهي، آمريڪا بظاهر رڳو سويابين، وعده خلافي ۽ تلخ بيان ئي برآمد ڪندو آهي.
آمريڪي صدر ٽرمپ جو هڪ ڀيرو ٻيهر ايران کي سويابين ۽ ڪڻڪ وڪرو ڪرڻ جو دعويٰ
آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ زراعت بابت ايگزیکٽو آرڊر تي صحيحون ڪري ڇڏيون آهن.وائٽ هائوس ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته آمريڪي هارين لاءِ سڄي دنيا ۾ نيون مارڪيٽون کولي رهيا آهيون. نئين مارڪيٽ خوبصورت ايران آهي.ٽرمپ چيو ته ايران کي غذائي شين جي سخت ڏکيائين جو سامنا آهي، اسان ايراني رقم جلد ئي ڪڻڪ، سويابين ۽ مڪئي خريد ڪرڻ تي خرچ ڪنداسين.آمريڪي صدر وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن توهان ايران کي ائٽمي هٿيار ڏيندؤ ته اهو ان کي پهرين ئي ڪلاڪ ۾ استعمال ڪندو، ايران کي جوهري هٿيار رکڻ جي اجازت نٿا ڏئي سگهون.
تازي جنگ کانپوءِ خليجي رياستن کي 3 وڏن چئلينجن جو سامنا آهي: دي اڪانومسٽ
ايران سان تازي جنگ جي اثرن خليج تعاون ڪائونسل (جي سي سي) جي ميمبر ملڪن کي 1990ع ۾ ڪويت تي عراقي حملي کانپوءِ سڀ کان وڏي علائقائي بحران ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته خطي جي اقتصادي ترقي، سيڙپڪاري، سياحت ۽ سلامتيءَ بابت خدشن ۾ گهڻو اضافو ٿيو آهي.برطانوي رسالي ”دي اڪانومسٽ“ جي رپورٽ موجب حاليہ جنگ کانپوءِ خليجي رياستن کي ٽن وڏن چئلينجن جو سامنا آهي، جن ۾ اعتماد جي بحالي، معاشي حڪمتِ عملي تي نظرثاني، ۽ پيچيده جاگرافيائي توڙي سياسي صورتحال سان منهن ڏيڻ شامل آهي.رپورٽ موجب سعودي عرب نسبتاً بهتر حالت ۾ آهي پر آمريڪي سيڪيورٽي ضمانتن تي خليجي رياستن کي هاڻي ڪو اعتبار ناهي رهيو.رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ايران پاران ٿيل ميزائل ۽ ڊرون حملن جي نتيجي ۾ خليجي ملڪن کي ڏهن اربن ڊالرن جو نقصان کڻڻو پيو، جڏهن ته هرمز جي ٻيٽاري (آبنائي هرمز) تقريبن چار مهينا بند رهڻ ڪري خطي ۾ معاشي سرگرميون متاثر ٿيون ۽ سيڙپڪارن جي اعتماد کي ڌچڪو لڳو.
ايران آمريڪا معاهدي جي نتيجي ۾ ايراني جوهري تنصيبات تائين رسائي جو اختيار ملي ويو آهي: آئي اي اي اي سربراهه
عالمي ائٽمي توانائي ايجنسي (آئي اي اي اي) جي سربراهه رافيل گروسي جو چوڻ آهي ته آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ ٿيندڙ عارضي معاهدي جي نتيجي ۾ آئي اي اي اي کي ايراني جوهري تنصيبات تائين رسائي جو اختيار ملي ويو آهي.










