اسد ميمڻ جو دنيا جون بلند چوٽيون سر ڪرڻ جو رڪارڊ

اسد ميمڻ جو دنيا جون بلند چوٽيون سر ڪرڻ جو رڪارڊ

ڪراچي(رپورٽ علي مرتضيٰ مهر)پاڪستاني جبل چاڙهو يعني ڪوھ پيما اسد علي ميمڻ هڪ تاريخي ڪارنامو سرانجام ڏيندي دنيا جي ستن ئي کنڊن جون بلند چوٽيون سر ڪري ورتيون آهي. هن ’سيون سمٽ‘ جو سفر انڊونيشيا ۾ اوشيانا جي بلند ترين چوٽي پُنچڪ جَايا (Puncak Jaya) سر ڪندي مڪمل ڪيو. 2016 ۾ شروع ڪيل سفر دوران هن 2019ع ۾ يورپ جي چوٽي مائونٽ ايلبرُس (Mount Elbrus)، 2020ع ۾ ڏکڻ آمريڪا جي چوٽي مائونٽ اڪونڪاگوا (Mount Aconcagua)، 2021ع ۾ آفريڪا جي چوٽي مائونٽ ڪلنمنجارو (Mount Kilimanjaro) چوٽي هو 20 ڪلاڪن اندر سر ڪندڙ پهريون پاڪستاني آهي، 2022ع ۾ اتر آمريڪا جي چوٽي مائونٽ ڊينالي (Mount Denali) تي ڪاميابي حاصل ڪئي. 2023ع ۾ اسد علي ميمڻ ايشيا ۽ دنيا جي سڀ کان بلند چوٽي “مائونٽ ايورسٽ (Mount Everest)” تي به چڙهي ويو هو ۽ هي پهريون سنڌي آهي جنهن اهو ڪارنامو سرانجام ڏنو، هي پهريون پاڪستاني اسٽوڊنٽ آهي جنهن ايورسٽ جي چوٽي چڙهي هئي. هو سنڌ جي شهر لاڙڪاڻي ۾ 1998 ۾ پيدا ٿيو ۽ آِ بي ايم ڪراچي مان ڊگري حاصل ڪئي.
انٽارڪٽيڪا ۾ ڪاميابي
ياد رهي ته هلندڙ سال جي شروعات ۾ اسد علي ميمڻ انٽارڪٽيڪا جي بلند ترين چوٽي “ماونٽ وِنسن (Mount Vinson)” به سر ڪئي هئي. ان سان گڏ اسد علي ميمڻ جو نالو دنيا جي انهن ٿورڙن ڪوھ پيمائن ۾ شامل ٿي ويو آهي، جن دنيا جي سڀني براعظمن جون بلند ترين چوٽيون ڪاميابيءَ سان سر ڪيون آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو