اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ ۽ اڳوڻي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان سان ٽيليفون تي رابطو ڪيو آهي جنهن ۾ ٻنهي اڳواڻن وچ ۾ سياسي صورتحال ۽ حڪومت سازي جي عمل تي ڳالهيون ڪيون ويون.پي ٽي آءِ اڳواڻ اسد قيصر چيو آهي ته جي يو آءِ اڳواڻ مولانا فضل الرحمان سان ٽيليفون تي ڳالهيون ٿيون جنهن ۾ سياسي صورتحال ۽ حڪومت سازي جي عمل تي ڳالهيون ڪيون ويون. ڳالهين ۾ جي يو آءِ ۽ پي ٽي آءِ وچ ۾ رابطن کي وڌائڻ تي به اتفاق ڪيو ويو.سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل بيان ۾ اسد قيصر چيو ته ڳالهين دوران مولانا فضل الرحمان کي عيد جي مبارڪباد ڏني جڏهن ته جي يو آءِ سربراهه کي حڪومت جي حوالي سان پنهنجن خدشن کان به آگاهه ڪيو.اسد قيصر چيو ته ٻئي پارٽيون حڪومت سازي جي موجوده عمل کي رد ڪن ٿيون. عوامي مينڊيٽ تي ڌاڙو هڻي جعلي حڪومت ٺاهي وئي، جعلي حڪومت جي خلاف منظم عوامي جدوجهد وقت جي اهم ضرورت آهي.هن چيو ته جدوجهد جي حوالي سان پي ٽي آءِ ۽ جي يو آءِ ۾ فڪري هڪ جهڙائي آهي. ان کان علاوه اسد قيصر چيو ته قانون جي بالادستي تي يقين رکندڙن کي تحريڪ تحفظ دستور جي پليٽ فارم تي سياسي جدوجهد ڪرڻ گهرجي.
’ايس آءِ ايف سي جي ڪاميابين، تنقيد ڪندڙن جو وات بند ڪيو آهي‘
دنيا ۾ 3 ڪروڙ ٻار تماڪو استعمال ڪن ٿا، ڊبليو ايڇ او
ڪي اليڪٽرڪ جون پاليسيون سمجهه کان ٻاهر آهن
هفتي دوران مهانگائي جي شرح ۾ 0.34 سيڪڙو گهٽتائي رڪارڊ
ورلڊڪپ ۾ پهريون ڀيرو 3 پاڪستاني امپائرنگ ڪندا
گرمي جي لهر جاري، دادو ۽ موهن جو دڙو ۾ پد 50 ڊگري
گڏاڻي جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ احتجاجي مظاهرا، روڊ بلاڪ
پيءُ ڌيءَ کي قتل ڪري پاڻ به آپگهات ڪري ڇڏيو
گوجر خان ۽ نارووال ۾ آسماني بجلي ڪرڻ سبب 5 ڄڻا فوت
سولجر بازار ۾ گهر اندر سلينڊر ڌماڪو، 8 ڄڻا سڙي زخمي
پشاور لوڊشيڊنگ، عوام گرڊ ۾ گهڙي زوري بجلي کولي ڇڏي
ڪراچي وارا قرضي آهن، بل ڏين لوڊشيڊنگ نه ٿيندي: علوي
بلوچستان جي ڪيترن ئي علائقن ۾ گيس جي فراهمي معطل
پارٽي سيڪريٽريٽ ٽوڙڻ سان عوامي حمايت وڌندي: شيخ
مفروضن تي بجيٽ پيش ڪرڻ عوامي توهين آهي، امير مقام
پارٽي آفيس سيل ڪرڻ خلاف مزاحمت، مغل جي ضمانت منظور
هيرس جي خطاب دوران فلسطينين جي حامين جو احتجاج
هم جنس پرستي حرام آهي: فيصل قريشي
واٽس ايپ صارفين جي ڊيٽا غلط استعمال ڪري ٿو، مسڪ
سنڌ ۾ ظلم جي گرمي ۽ بجليءَ جو بحران