اسد عمر خلاف داخل ڪيسن جا تفصيل فراهم ڪرڻ جو حڪم

اسد عمر خلاف داخل ڪيسن جا تفصيل فراهم ڪرڻ جو حڪم

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پوليس کي تحريڪ انصاف اڳواڻ اسد عمر خلاف داخل ڪيسن جا تفصيل فراهم ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب اسد عمر جي 3 ايم پي او تحت گرفتاري ۽ ڪيسن جا تفصيل ڏيڻ جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ڌرين کي سومر لاءِ نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن.اسد عمر جي وڪيل بابر اعواڻ چيو ته اسد عمر خلاف ڪيترا ڪيس آهن تفصيل فراهم ڪيا وڃن.هن چيو ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اسان جا ڪيس سومر تي ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪري.ان موقعي تي عدالت پڇاڻو ڪيو ته ڇا توهان هتي پنهنجي هفتيوار موڪل جو مزو وٺڻ چاهيو ٿا؟ جنهن تي عدالت ۾ ٽهڪ لڳي ويا.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي سومر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

پهنجو تبصرو موڪليو