اسلام آباد)ويب ڊيسڪ)اسلام آباد جي عدالت آرٽيڪل 144 جي ڀڃڪڙي ڪيس ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ اسد عمر جي ضمانت واري درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو.جج سڪندر خان اسد عمر جي ضمانت واري درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو.عدالت رمارڪس ڏيندي چيو ته اسد عمر جي عبوري ضمانت واري درخواست تي فيصلو 19 جون تي ٻڌايو ويندو.ٻڌڻي دوران صفوران جي وڪيل اسد عمر جي ضمانت لاءِ دليل ڏيندي چيو ته اسد عمر تقرير نه ڪئي ۽ نه ئي سندس ڪا وڊيو آهي.وڪيل چيو ته ايف نائن پارڪ ۾ پي ٽي آءِ جي جلسي ۾ اسد عمر جي موجودگي جا ڪي به ثبوت ناهن، مٿس ڪوڙو ڪيس ٺاهيو ويو آهي.پراسيڪيوٽر عدالت کي ٻڌايو ته ڪيس ۾ اسد عمر خلاف غير ضمانتي شقون داخل ڪيون ويون آهن.ميڊيا سان ڳالهائيندي اسد عمر چيو ته پارٽين جا فيصلا عوام ڪندا آهن.هن چيو ته حڪومت هن بجيٽ لاءِ چئي رهي آهي ته اسيمبلي ٽوڙي نٿي سگهي، بهتر هجي ها ته حڪومت هي بجيٽ پيش نه ڪري ها.










