اسد عمر جي رهائي جو حڪم، پريس ڪانفرنس ڪندا ته هو ڇڏيندا:جج

اسد عمر جي رهائي جو حڪم، پريس ڪانفرنس ڪندا ته هو ڇڏيندا:جج

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)اسلام آباد هاءِ ڪورٽ تحريڪ انصاف جي جنرل سيڪريٽري اسد عمر کي فوري طور آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.اسد عمر طرفان ايڊووڪيٽ بابر اعواڻ عدالت ۾ پيش ٿيو.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ 3 ايم پي او تحت گرفتاري کي ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو آهي، عدالت اسد عمر کي پرتشدد احتجاج جو حصو نه بڻجڻ جو حلف نامو جمع ڪرائڻ جو به حڪم ڏنو آهي.جسٽس گل حسن اورنگزيب چيو ته حلف نامي جي ڀڃڪڙي ڪئي وئي ته اسد عمر کي پنهنجي سياسي ڪيريئر کي وساري ڇڏڻ گهرجي، عدالت اسد عمر کي پنهنجون ٽوئيٽس ڊليٽ ڪرڻ جي به هدايت ڪئي آهي.جسٽس گل حسن اورنگزيب چيو ته اسد عمر جون 2 ٽوئيٽس آهن، انهن کي فوري طور ڊليٽ ڪيو وڃي.وڪيل بابر اعواڻ چيو ته اها خبر آهي پر توهان جي حڪم جي تعميل ڪنداسين.جسٽس گل حسن اورنگزيب چيو ته جيستائين اوهان پريس ڪانفرنس نه ڪندا تيستائين اوهان کي نه ڇڏيندو. بابر اعواڻ چيو ته پريس ڪانفرنس نه ڪنداسين.عدالت قلم 144 جي ڀڃڪڙي نه ڪرڻ جو حلف نامو جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

پهنجو تبصرو موڪليو