اسد عمر جي درخواست ، اليڪشن ڪميشن کي حتمي حڪم جاري نه ڪرڻ جي هدايت

اسد عمر جي درخواست ، اليڪشن ڪميشن کي حتمي حڪم جاري نه ڪرڻ جي هدايت

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ، اليڪشن ڪميشن جي توهين عدالت نوٽيس خلاف پي ٽي آءِ اڳواڻ اسد عمر جي درخواست تي ٻڌڻي ڪندي اليڪشن ڪميشن کي عدالت جي فيصلي تائين ڪو حتمي حڪم جاري نه ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.ٻڌڻي دوران درخواستگذار اسد عمر جي وڪيل انور منصور ايڊووڪيٽ عدالت کي ٻڌايو ته اسد عمر اليڪشن ڪميشن ۾ پيش ٿيو ۽ پنهنجو جواب جمع ڪرايو پر اليڪشن ڪميشن اسد عمر جو جواب رد ڪري ڇڏيو.اسد عمر جي وڪيل وڌيڪ چيو ته اليڪشن ڪميشن اسد عمر ۽ ٻين تي فرد جرم لاڳو ڪرڻ واري آهي، اليڪشن ڪميشن فرد جرم لاڳو ڪرڻ جي عدالت ناهي.عدالت حڪم ڏنو ته اليڪشن ڪميشن ڪارروائي جاري رکي، عدالت جي فيصلي تائين ڪو حتمي حڪم جاري نه ڪيو وڃي.سپريم ڪورٽ اسد عمر جي درخواست جي وڌيڪ ٻڌڻي 31 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

پهنجو تبصرو موڪليو