اسد ، علي اعواڻ ۽ راجا خرم جون استعيفائون منظور ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن معطل

اسد ، علي اعواڻ ۽ راجا خرم جون استعيفائون منظور ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن معطل

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پي ٽي آءِ اڳواڻن اسد عمر، علي اعواڻ ۽ راجا خرم نواز جي قومي اسيمبلي مان استعيفيٰ منظور ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن معطل ڪري ڇڏيو.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ به فيصلو ٻڌائيندي اليڪشن ڪميشن کي ننڍي چونڊ ڪرائڻ کان روڪي ڇڏيو.سپريم ڪورٽ پي ٽي آءِ جي ٽن ميمبرن قومي اسيمبلي جي استعيفائن جي منظوري جو نوٽيفڪيشن معطل ڪري ڇڏيو آهي.واضح رهي ته گذريل ڏينهن اسلام آباد مان تحريڪ انصاف جي قومي اسيمبلي جي ميمبرن اسد عمر، راجا خرم شهزاد نواز ۽ علي نواز اعواڻ استعيفيٰ منظور ڪرڻ واري اليڪشن ڪميشن جي حڪم کي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪيو هو.بئريسٽر علي ظفر ۽ بئريسٽر گوهر علي طرفان اسد عمر، راجا خرم شهزاد نواز ۽ علي نواز اعواڻ طرفان داخل ڪرايل درخواست ۾ وفاق، اسپيڪر، سيڪريٽري قومي اسيمبلي ۽ اليڪشن ڪميشن کي ڌر بڻايو ويو هو.درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته اليڪشن ڪميشن پاران 17 جنوري 2023 تي جاري ڪيل نوٽيفڪيشن ۾ تحريڪ انصاف جي ڪجهه ميمبرن جون استعيفائون منظور ڪيون ويون، جڏهن ته 123 ميمبرن استعيفيٰ ڏئي ڇڏي ۽ سمورن ميمبرن کي ڊي سيٽ ڪيو وڃي.درخواست ۾ استدعا ڪئي وئي آهي ته اليڪشن ڪميشن جو 17 جنوري جو نوٽيفڪيشن ڪالعدم قرار ڏنو وڃي ۽ درخواست جي فيصلي تائين نوٽيفڪيشن معطل ڪيو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو