ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پي ٽي آئي اڳواڻ علي زيدي چيو آهي ته اسحاق ڊار ۽ سندس ڪرپٽ پٽ هاڻي بانڊز جي جوڙ توڙ ۾ مصروف آهن اڳوڻي وفاقي وزير علي زيدي پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ چيو ته مفتاح اسماعيل گذريل ڏينهن بلڪل حقيقتون بيان ڪيون پر پنهنجي خلاف، جڏهن اوهان کي پتو هو ته اوهان گهڻو عرصو هن ڪرسي تي نه هوندا ان لاءِ مارڪيٽ ۾ اندروني سوديبازي ٿيندي رهي هن چيو ته آئي ايم ايف جو موقف درست هو ته هڪ ڀيرو جڏهن اوهان کي پئسو ملي ويندو ته اوهان حڪمت عملي تبديل ڪري وٺندا هي ڪائي حيرت جي ڳالهه نه آهي جو دنيا پنهنجي امدادي رقم سان اوهان تي ڀروسو نٿي ڪري علي زيدي چيو ته اوهان پنهنجن ئي ماڻهن تي آئي ايم ايف کي فوڪيت ڏني ٻارڻ جون قيمتون وڌائِندي کين غربت ڏانهن ڌڪي ڇڏيو پي ٽي آئي اڳوڻ چيو ته مفتاح اسماعيل چيو جون ٽوئٽس ڊار کي شرمسار ڪرڻ لاءِ نه آهن انهن ٽوئٽس مان ڪرسي کسجي وڃڻ تي انتقام جي ڌپ اچي ٿي خبر هي آهي ته ڊار ۽ سندس ڪرپٽ پٽ هاڻي بانڊز جي جوڙجڪ ۾ مصروف آهن اڳوڻي وفاقي وزير چيوته مفتاح اسماعيل کي سڀني جي خلاف گارگند ڪرڻ بدران پاڻ ڪجهه سوالن جا جواب ڏيڻ گهرجي. اوهان 10 ڪارگوز 900 ملين ڊالر ۾ خريد ڪيا هن چيو ته ان خريداري جو ڪرنٽ اڪائونٽ بيلنس ۽ بجلي اگهن تي ڇا اثر ٿيو؟ 900 ملين ڊالر گئس خريد ڪرڻ تي ڪيتري اڳاڙي ٿي؟ اوهان اهو ئي ڪيو جيڪو هڪ معاشي هٽ مين ڪنهن ملڪ سان ڪري ٿو علي زيدي چيو ته مفتاح اسماعيل قلم جي ضرب سان معيشت کي مفلوج ڪيو، مارڪيٽ مفتاح اسماعيل ۽ ان جي دوستن طرفان ڪئي ويندڙ رپئي ۽ ڊالر جي اندروني ٽريڊنگ کان چڱي طرح واقف آهي هن چيو ته مفتاح اسماعيل جي مداخلت سان اسٽيٽ بئنڪ جي ذريعي تمام گهڻي ڇوٽ ڏني وئي مفتاح اسماعيل اسحاق ڊار لاءِ ڪرسي تيار ڪرڻ جو ڪم ڪيو.










